پشاور-16 آڪٽوبر (اي پي پي)خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پشاور جي دير ڪالوني سانحي ۾ شهيد ٿي ويل ٻارن ۽ استادن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪالهه دير ڪالوني پشاور ۾ اسڪول جي عمارت جي ڇت ڪرڻ جو انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو. هن چيو ته زندگي ۾ …
خيبرپختونخوا جي گورنر پاران پشاور جي دير ڪالوني سانحي ۾ شهيد ٿيل ٻارن ۽ استادن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار
پشاور-16 آڪٽوبر (اي پي پي)خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پشاور جي دير ڪالوني سانحي ۾ شهيد ٿي ويل ٻارن ۽ استادن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪالهه دير ڪالوني پشاور ۾ اسڪول جي عمارت جي ڇت ڪرڻ جو انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو. هن چيو ته زندگي ۾ ڪيترائي سانحا ڏٺا، پر هي انتهائي دل ڏکوئيندڙ سانحو آهي. هن چيو ته ڪنهن جي ٻارن ۽ اولاد جو ڪو ٻيو نعم البدل ممڪن ناهي، مالي امداد سان والدين جو ڏک گهٽ نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته سانحي ۾ شهيد ٿيل ٻارن جي وارثن کي 10، 10 لک روپيا جڏهن ته زخمين کي 3، 3 لک روپيا امداد ڏني ويندي. هن چيو ته اسڪول جي زمين جي معاهدي ۽ ليز بابت تفصيل فراهم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جي حوالي سان اين او سي جاري ڪندڙ عملدارن جي ذميوارين جو تعين ڪيو وڃي، هن چيو ته لاڳاپيل صلاحڪار ۽ کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته هو 15 ڏينهن جي اندر ذميوارن جو تعين ڪري رپورٽ پيش ڪن. هن چيو ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ۽ سزا ۽ جزا جي عمل کي تيز ڪيو ويندو. هن چيو ته سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جو آڊٽ ڪرايو پيو وڃي. هن چيو ته لاڳاپيل اسڪول جي اين او سي به موجوده آهي، ان جي جاچ پڙتال ضروري آهي. هن چيو ته نجي اسڪولن بابت قانون 2017ع ۾ بڻايو ويو هو. هن چيو ته اسڪول مالڪ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، واقعي ۾ ملوث ٻين ماڻهن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي.












