خيبرپختونخوا جي گورنر پاران ڪي پي ڪي پوليس لاءِ رليف پئڪيج جو اعلان

پشاور-16 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڪي پي ڪي پوليس لاءِ تاريخي رليف پئڪيج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته خيبرپختونخوا پوليس جي شهيدن، زخمي اهلڪارن ۽ خاندانن لاءِ معاوضن ۽ مراعتن ۾ رڪارڊ اضافي جي منظوري ڏني آهي.گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ڪي پي ڪي پوليس لاءِ رليف پئڪيج جو اعلان ڪيو. ان …

پشاور-16 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڪي پي ڪي پوليس لاءِ تاريخي رليف پئڪيج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته خيبرپختونخوا پوليس جي شهيدن، زخمي اهلڪارن ۽ خاندانن لاءِ معاوضن ۽ مراعتن ۾ رڪارڊ اضافي جي منظوري ڏني آهي.گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ڪي پي ڪي پوليس لاءِ رليف پئڪيج جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي گورنر خيبرپختونخوا جي پوليس اهلڪارن ۽ شهيدن جي خاندانن جي مدد لاءِ بئنڪن ۽ ڪارپوريٽ ڪمپنين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته شهيدن جي پئڪيج تحت سپاهي کان انسپيڪٽر تائين معاوضو هڪ ڪروڙ 10 لک کان وڌائي هڪ ڪروڙ 70 لک روپيا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڊي ايس پي ۽ اي ايس پي رينڪ جي شهيدن جو معاوضو هڪ ڪروڙ 60 لک کان وڌائي اڍائي ڪروڙ روپيا ڪيو ويو. هن چيو ته گريڊ 18 ۽ 19 جي شهيدن جو معاوضو 2 ڪروڙ 10 لک کان وڌائي ٽي ڪروڙ روپيا مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته گريڊ 20 ۽ ان کان مٿي شهيدن جو معاوضو 2 ڪروڙ 10 کان وڌائي ساڍا 3 ڪروڙ روپيا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پوليس شهيدن جي وارثن لاءِ پلاٽ جي جڳهه سڌي ريت مالي مدد ڪئي ويندي. هن چيو ته سپاهي کان انسپيڪٽر تائين شهيدن جي وارثن کي 5 مرلن جي پلاٽ جي جاءِ تي هڪ ڪروڙ 80 لک روپيا ڏنا ويندا. هن چيو ته ڊي ايس پي ۽ اي ايس پي رينڪ جي شهيدن جي وارثن کي رهائشي مدد لاءِ اڍائي ڪروڙ روپيا ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ته گريڊ 18 کان 19 جي شهيدن جي وارثن کي 10 مرله پلاٽ جي جاءِ تي ساڍا 3 ڪروڙ روپين جي مالي مدد ڏني ويندي. هن چيو ته گريڊ 20 ۽ ان کان مٿي جي پوليس شهيدن جي وارثن کي هڪ ڪئنال پلاٽ جي جاءِ تي 7 ڪروڙ روپيا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڊيوٽي دوران زخمي اهلڪارن جو پئڪيج هڪ لک کان وڌائي 15 لک جڏهن ته مستقل معذوري تي 50 لک روپيا ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ته اهلڪارن جي شريڪ حيات يا ٻارن جي وفات تي 50 لک ۽ والدين يا ڀينرن ۽ ڀائرن جي وفات تي 30 لک روپيا مالي امداد ڏني ويندي. هن چيو ته شهيدن جي نياڻين جي شادي لاءِ 10 لک روپيا خصوصي تحفي طور ڏنا ويندا، هن چيو ته شهيدن جا خاندان اسان جو فخر آهن، انهن جي سارسنڀال اسان جي ذميواري آهي، هن چيو ته خيبرپختونخوا پوليس لاءِ هي رليف پئڪيج انهن جي قربانين جو اعتراف آهي.