ڪراچي-16 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نھال ھاشمي خوراڪ جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ چيو آھي ته ھر شھري کي سستي،محفوظ ۽ غذائيت سان ڀرپور خوراڪ جي فراھمي يقيني بنائڻ اسان جي گڏيل ذميداري آھي. ھن زور ڀريو ته پاڪستان ۾ بک ۽ غذائي اڻاٺ جو خاتمو قومي ترجيحن ۾ شامل ھجڻ گھرجي ته جئين ھر فرد کي صحتمند زندگي گذارڻ جا …
ھر شھري کي سستي، محفوظ ۽ غذائيت سان ڀرپور خوراڪ جي فراھمي يقيني بنائڻ اسان جي گڏيل ذميداري آھي: سيد محمد نهال هاشمي
ڪراچي-16 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نھال ھاشمي خوراڪ جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ چيو آھي ته ھر شھري کي سستي،محفوظ ۽ غذائيت سان ڀرپور خوراڪ جي فراھمي يقيني بنائڻ اسان جي گڏيل ذميداري آھي. ھن زور ڀريو ته پاڪستان ۾ بک ۽ غذائي اڻاٺ جو خاتمو قومي ترجيحن ۾ شامل ھجڻ گھرجي ته جئين ھر فرد کي صحتمند زندگي گذارڻ جا برابر موقعا ملي سگھن. سنڌ جي گورنر چيو ته مھانگائي سبب گھٽ آمدني وارن ڪٽنبن جي غذائي ضرورتن جو تحفظ خاص ڌيان جو گھرجائو آھي. ھن چيو ته معاشري جي ڪمزور طبقن تائين معياري خوراڪ جي رسائي يقيني بنائڻ لاءِ جامع ۽ اثرائتا قدم اڻٽر آھن. سيد محمد نھال ھاشمي چيو ته موسمياتي تبديلين، پاڻي جي اڻاٺ ۽ زرعي خرچن ۾ اضافي جھڙن چئلينجن کي منھن ڏيڻ غذائي تحفظ لاءِ انتھائي ضروري آھي. ھن چيو ته ھارين کي جديد زرعي ٽيڪنالاجي، آبپاشي جون سھولتون ۽ ٻيا ضروري وسيلا فراھم ڪري زرعي پيداوار ۾ نمايان اضافو ڪري سگھجي ٿو.ھن چيو ته ھارين کي جديد زرعي ٽيڪنالاجي، آبپاشي جون سھولتون ۽ ٻيا ضروري وسيلا فراھم ڪري زرعي پيداوار ۾ نمايان اضافو ڪري سگھجي ٿو. گورنر خوراڪ جي زيان کي روڪڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته دستياب وسيلن جو دانشمنداڻو استعمال وقت جي اھم ضرورت آھي. ھن چيو ته ٻارن ۽ عورتن ۾ غذائي کوٽ کي روڪڻ لاءِ متوازن ۽ صحت بخش غذا تائين رسائي يقيني بنائڻ اشد ضروري آھي. ھن چيو ته سنڌ سوڌو سڄي پاڪستان ۾ پائيدار زراعت کي زور وٺائڻ غذائي تحفظ جي ضمانت آھي، حڪومت کي خانگي شعبي ۾ فلاحي ادارن کي گڏيل سھڪار وسيلي مستحق خاندانن تائين خوراڪ جي فراھمي کي يقيني بنائڻ گھرجي. گورنر سنڌ سيد محمد نھال ھاشمي چيو ته بک کان پاڪ ۽ صحتمند معاشري جي جوڙجڪ لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي عملي قدم اڻٽر آھن، ۽ اھي ئي ڪوششون پاڪستان کي غذائي پاڻڀرائپ ۽ پائيدار ترقي ڏانھن گامزن ڪنديون.












