باڪو-16 آڪٽوبر(اي پي پي) چين چيو آهي ته هو فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي پرڏيهي وزير جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته چين جي پرڏيهي وزير فلسطينين لاءِ چين جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته چين فلسطين معاملي جو دفاع جاري رکندو. وانگ اي آزربائيجان جي گادي واري هنڌ باڪو ۾ پنهنجي …
فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جي حمايت جاري رکنداسين: چين

مزید خبریں
باڪو-16 آڪٽوبر(اي پي پي) چين چيو آهي ته هو فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي پرڏيهي وزير جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته چين جي پرڏيهي وزير فلسطينين لاءِ چين جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته چين فلسطين معاملي جو دفاع جاري رکندو. وانگ اي آزربائيجان جي گادي واري هنڌ باڪو ۾ پنهنجي فلسطين جي هم منصب سان ملاقات ۾ چيو ته فلسطين جي معاملي کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. وانگ اي سمورن امن پسند ملڪن تي زور ڀريو ته هو ٻه رياستي حل جي حمايت ڪن.











