آسٽريليا ۾ ننڍو جهاز ڪري تباهه، 2  ڄڻا اجل جو شڪار

ڪينبرا-16 آڪٽوبر (اي پي پي)آسٽريليا جي رياست نيو سائوٿ ويلز ۾ ننڍو جهاز ڪري پوڻ سبب تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا اجل جو شڪا ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب رياستي پوليس ٻڌايو ته جمعي ڏينهن مقامي وقت موجب هڪ لڳي 55 منٽن تي سڊني کان 200 ڪلو ميٽر اتر اولهه  پاسي هڪ ننڍي هوائي اڏي ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو جهاز ۾ سوار ٻه ڄڻا ٿڏي …

ڪينبرا-16 آڪٽوبر (اي پي پي)آسٽريليا جي رياست نيو سائوٿ ويلز ۾ ننڍو جهاز ڪري پوڻ سبب تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا اجل جو شڪا ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب رياستي پوليس ٻڌايو ته جمعي ڏينهن مقامي وقت موجب هڪ لڳي 55 منٽن تي سڊني کان 200 ڪلو ميٽر اتر اولهه  پاسي هڪ ننڍي هوائي اڏي ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو جهاز ۾ سوار ٻه ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي علائقي جو ڪڙو چاڙهي جاچ جي شروعات ڪري ڏني آهي جڏهن ته واقعي بابت آسٽريلوي ٽرانسپورٽ سيفٽي کي به اطلاع ڏنو ويو آهي. آسٽريلوي ٽرانسپورٽ سيفٽي بيورو چيو ته حادثي بابت معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي.

مزید خبریں