اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته خيبرپختونخوا صوبي ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي مجبوري ۾ لڳائي وئي، صوبائي حڪومت لانگ ۽ شارٽ مارچ ڪندي رهي پر عوامي ڀلائي تي ڪو به ڌيان نه ڏنو. خميس ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو ته خيبرپختونخوا جوعوام بهادر، محنتي …
پي ٽي آءِ جي حڪومت 13 سالن ۾ خيبرپختونخوا صوبي کي ماڊل صوبو بڻائي پئي سگهي:سردار محمد يوسف

مزید خبریں
اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته خيبرپختونخوا صوبي ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي مجبوري ۾ لڳائي وئي، صوبائي حڪومت لانگ ۽ شارٽ مارچ ڪندي رهي پر عوامي ڀلائي تي ڪو به ڌيان نه ڏنو. خميس ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو ته خيبرپختونخوا جوعوام بهادر، محنتي ۽ محب وطن آهي، اسان جي گڏيل ذميواري آهي ته ملڪي دفاع ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ 2013ع ۾ قائم ٿيل حڪومت جو رويو ۽ ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي، صوبي جي ڀلائي لاءِ ڪو به قدم نه کنيو ويو، صرف هڪ شخص جي خوش آمد ڪئي وئي، هن پنهنجي حڪومت ۽ صوبي جي عوام تي خودڪش حملو ڪيو، نئون پاڪستان ٺاهيندڙ نئون صوبو به ٺاهي نه سگهيا پر پراڻي صوبي کي کنڊرات ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن صرف لانگ مارچ ۽ شارٽ ڪيا. صوبي جي وڏي وزير پنهنجي حلف جي پاسداري نه ڪئي، 13 سال سندن حڪومت رهي ان کي ماڊل صوبو بڻائي پئي سگهيا پر انهن جون ترجيحون مختلف هيون. صوبي ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي مجبوري ۾ لڳائي وئي.










