اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته خيبرپختونخوا صوبي ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي آئين ۽ قانون موجب لاڳو ڪئي وئي، حڪومت ڳالهين ذريعي مسئلن کي حل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پر مخالف ڌر جي رويي سبب ڳالهيون لاڀائتيون نه ٿي سگهيون، اسان کي مذهبي، سياسي ۽ علائقائي تعصب ۽ نفرتن کي ختم ڪري ملڪي …
خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي آئين ۽ قانون موجب لاڳو ڪئي وئي: راجا پرويز اشرف

مزید خبریں
اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته خيبرپختونخوا صوبي ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي آئين ۽ قانون موجب لاڳو ڪئي وئي، حڪومت ڳالهين ذريعي مسئلن کي حل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پر مخالف ڌر جي رويي سبب ڳالهيون لاڀائتيون نه ٿي سگهيون، اسان کي مذهبي، سياسي ۽ علائقائي تعصب ۽ نفرتن کي ختم ڪري ملڪي ترقي لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي. خميس ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي کي آئيني تحفظ حاصل آهي، جمهوريت پسند ڪوشش ڪن ٿا ته اهڙا قدم نه هجن پر ڪجهه حالتن ۾ ائين ڪرڻو پوي ٿو، ماضي ۾ به صوبن ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ٿيا، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي اڳواڻي ۾ مسئلن جي حل لاءِ ڳالهين جي ڪوشش ڪئي وئي پر غلط روين سبب ڪوششون لاڀائتيون نه ٿيون، سياست ۾ ڳالهين کي ترجيح ڏني ويندي آهي، پي ٽي آءِ کي پنهنجي طرز فڪر ۽ رويي کي ڏسڻ گهرجي ، ان سان جمهوريت ۽ سياست کي نقصان پهچي رهيو آهي. هن چيو ته گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي آئين ۽ قانون موجب لڳائي وئي آهي، پاڪستان کي دهشتگردي جهڙو وڏو چئلينج درپيش آهي، صوبائي حڪومت کي وفاقي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهربو هو، هن اسلام آباد تي حملي جي ڌمڪي ڏني.










