اسلام آباد - 15 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار حصيدار ملڪن سان پاڪستان جي مثبت رابطن جو تسلسل برقرار رکڻ جي لاءِ مسلسل سفارتي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏيندي لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ويجهو رابطو برقرار کن، اڀرندڙ معاشي موقعن مان فائدو کڻن ۽ طئي ٿيل فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائين. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس، حصيدار ملڪن سان پاڪستان جي مثبت رابطن جو تسلسل برقرار رکڻ لاءِ مسلسل سفارتي مٽاسٽا جي اهميت تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار حصيدار ملڪن سان پاڪستان جي مثبت رابطن جو تسلسل برقرار رکڻ جي لاءِ مسلسل سفارتي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏيندي لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ويجهو رابطو برقرار کن، اڀرندڙ معاشي موقعن مان فائدو کڻن ۽ طئي ٿيل فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائين. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ پرڏيهي وزارت ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ تازي اعلى سطحي دورن جي نتيجن ۽ ايندڙ اهم رابطن جي لاءِ تيارين جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ طئي ٿيل قدمن تي اڳڀرائي ۽ واپار، سيڙپڪاري سميت ٻين اهم شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير حصيدار ملڪن سان پاڪستان جي مثبت رابطن جو تسلسل برقرار رکڻ جي لاءِ مسلسل سفارتي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏنو. هن لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته اهي ويجهو رابطو برقرار رکن، اڀرندڙ معاشي موقعن مان فائدو کڻن ۽ طئي ٿيل فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائين. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ، پيٽروليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن وارن وفاقي وزيرن، پرڏيهي معاملن بابت خاص معاون، خاص معاون طارق باوجوه، وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت صلاحڪار، پرڏيهي سيڪريٽري، واپار، ريلوي ۽ سمنڊ پاڪستانين وارن سيڪريٽرين سميت لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.










