اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب خميس ڏينهن گڏيل قومن جي نائب سيڪريٽري جنرل آمنه جي محمد سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ترقياتي ماليات، قرضن ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت مضبوط بڻائڻ بابت معاملي جو جائزو ورتو ويو. ٿائيلينڊ جي شهر بئنڪاڪ ۾ عالمي بئنڪ گروپ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي …
ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي گڏيل قومن جي نائب سيڪريٽري جنرل سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب خميس ڏينهن گڏيل قومن جي نائب سيڪريٽري جنرل آمنه جي محمد سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ترقياتي ماليات، قرضن ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت مضبوط بڻائڻ بابت معاملي جو جائزو ورتو ويو. ٿائيلينڊ جي شهر بئنڪاڪ ۾ عالمي بئنڪ گروپ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي ٿيل ملاقات ۾ ناڻي واري وفاقي وزير گڏيل تجربن مان سکڻ، انتظامي معاملن ۾ تسلسل برقرار رکڻ ۽ هڪ موثر ورچوئل سيڪريٽريٽ ذريعي باروئرز فورم کي وڌيڪ فعال ۽ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري وزير عالمي ڏکڻ جي آواز کي موثر بنائڻ ۽ عالمي مالياتي ادارن کي ميمبر ملڪن جي ضرورتن لاءِ وڌيڪ جوابده بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ٻنهي طرفن کان پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ، غربت ۾ گهٽتائي، سماجي تحفظ ۽ باعزت روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ مناسب مالي وسيلن جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڀريو ويو جڏهن ته موسمياتي ماليات ۾ موجود خال، فنڊن تائين پهچ جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري جي قابل منصوبن جي تياري لاءِ صلاحيت وڌائڻ تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ناڻي واري وزير مٽاسٽا واري شرح جي لاهن چاڙهن سان واڳيل خطرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مقامي ڪرنسي ۾ مالي مدد جي اهميت اجاگر ڪئي ۽ ملڪي سطح تي شفاف، جوابده پاليسي سازي جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. هن تازو آمريڪا ۽ ايران بحران ۾ پاڪستان جي ٽياڪڙي جي ڪوششن کي ساراهڻ تي آمنه جي محمد جو ٿورو مڃيو.










