اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ قاعدا معطل ڪري خيبرپختونخوا صوبي ۾ هنگامي حالتن جي حوالي سان آئين جي آرٽيڪل 232(7) ۽ 234 (1) تحت قراردادون پيش ڪيون ويون. خميس ڏينهن پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ رٿ پيش ڪئي ته آئين جي آرٽيڪل 232 جي شق (7) ۽ آرٽيڪل 234 جي شق (3) موجب قراردادون پيش …
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ هنگامي حالتن جي حوالي سان آئين جي آرٽيڪل 232(7) ۽ 234 (1) تحت قراردادون پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ قاعدا معطل ڪري خيبرپختونخوا صوبي ۾ هنگامي حالتن جي حوالي سان آئين جي آرٽيڪل 232(7) ۽ 234 (1) تحت قراردادون پيش ڪيون ويون. خميس ڏينهن پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ رٿ پيش ڪئي ته آئين جي آرٽيڪل 232 جي شق (7) ۽ آرٽيڪل 234 جي شق (3) موجب قراردادون پيش ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل قاعدا معطل ڪيا وڃن. ان معاملي تي اسپيڪر ايوان کي مخالف ڌر جي اصرار تي ميمبرن کي باقاعدي بيهاري راءِ شماري ڪرائي ته رٿ جي حق ۾ ايوان جي وڏي اڪثريت يعني 214 ميمبرن ووٽ ڏنو، اهڙي طرح هي رٿ اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي جنهن کانپوءِ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ايوان ۾ قرارداد پيش ڪئي ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 232 جي شق (1) جي ٻئي جملي شرطيه تحت 11 آڪٽوبر 2026ع تي صدر مملڪت طرفان خيبرپختونخوا صوبي ۾ هنگامي حالت جي اعلان کي گڏيل اجلاس اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 232 جي شق (7) تحت منظور ڪري ٿو. ٻي قرارداد پيش ڪندي وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 234 جي شق (1) تحت 11 آڪٽوبر 2026ع تي صدر مملڪت طرفان خيبرپختونخوا صوبي ۾ هنگامي حالت جي اعلان کي گڏيل اجلاس اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 234 جي شق (3) تحت منظور ڪري ٿو، جنهن کانپوءِ ايوان ۾ انهن ٻنهي قراردادن تي بحث جي باقاعده شروعات ٿي.











