اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پشاور ۾ اسڪول جي ڇت ڪرڻ جي حادثي ۾ فوت ٿيل شاگردن ۽ استاد جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته معصوم شاگردن ۽ استاد جو موت پوري قوم لاءِ گهري ڏک ۽ صدمي جو سبب بڻيل آهي، ڏک جي هن گهڙي …
وفاقي وزير احسن اقبال پاران پشاور اسڪول حادثي ۾ فوت ٿيل شاگردن ۽ استاد جي شهادت تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پشاور ۾ اسڪول جي ڇت ڪرڻ جي حادثي ۾ فوت ٿيل شاگردن ۽ استاد جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته معصوم شاگردن ۽ استاد جو موت پوري قوم لاءِ گهري ڏک ۽ صدمي جو سبب بڻيل آهي، ڏک جي هن گهڙي ۾ هو ڏکويل ڪٽنبن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، احسن اقبال دعا ڪئي ته الله تعاليٰ فوت ٿي ويلن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ وارثن کي صبر عطا ڪري. حادثي ۾ زخمي ٿيلن کي جلد صحتيابي عطا ڪري.










