اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي وزير امير مقام چيو آهي ته ماضي ۾ خيبرپختونخوا جون حالتون ايتري قدر خراب ٿي چڪيون هيون جو دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مشڪل فيصلا ڪرڻا ضروري ٿي ويو هو، جن جا مثبت اثر سامهون ايندا. ملڪ جو مفاد هر شيءَ کان مٿانهون آهي ۽ ذاتي مفادن لاءِ سڄي ملڪ کي مفلوج نه ڪرڻ گهرجي. خميس ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي …
خيبرپختونخوا جي ترقي ۽ عوامي مسئلن جو حل حڪومت جي ترجيح آهي: امير مقام

مزید خبریں
اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي وزير امير مقام چيو آهي ته ماضي ۾ خيبرپختونخوا جون حالتون ايتري قدر خراب ٿي چڪيون هيون جو دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مشڪل فيصلا ڪرڻا ضروري ٿي ويو هو، جن جا مثبت اثر سامهون ايندا. ملڪ جو مفاد هر شيءَ کان مٿانهون آهي ۽ ذاتي مفادن لاءِ سڄي ملڪ کي مفلوج نه ڪرڻ گهرجي. خميس ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول (اي پي ايس) جو سانحو ۽ دهشتگردي جا ٻيا واقعا سڀني آڏو آهن، جڏهن ته مون مٿان به حملا ٿيا. ان وقت وزيراعظم نواز شريف جي اڳواڻي ۾ سموريون سياسي پارٽيون نيشنل ايڪشن پلان تي متفق ٿيون هيون. هي ڪنهن هڪ پارٽي جي پاليسي نه پر سمورين پارٽين جو گڏيل فيصلو هو، جنهن جو مقصد ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ هو، هن محمود خان اچڪزئي کي مخاطب ٿيندي چيو ته ان وقت مرڪز ۽ خيبرپختونخوا ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت هئي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني پشاور ۾ آفيس کولڻ جي ڳالهه به ڪئي هئي ۽ ماڻهن کي آزاد پڻ ڪيو ويو، جنهن جا نتيجا اڄ عوام ڀوڳي رهيو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن ان وقت اهڙا قدم نه کنيا وڃن ها ته دهشتگردي جي خاتمي جي صورتحال مختلف ٿي سگهي پي. هن چيو ته عمران خان پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ سڄي ملڪ کي مفلوج ڪري رکيو آهي، جڏهن ته ملڪ پهرين ۽ ماڻهو پوءِ اچن ٿا. هن 11 آڪٽوبر جي حوالي سان چيو ته ان ڏينهن انقلاب آڻڻ ۽ عوام جي وڏي انگ ۾ نڪرڻ جي اميد ظاهر ڪئي وئي هئي، جڏهن ته سندس چوڻ موجب ان ڪال تي رد عمل نه ڏنو. هن چيو ته عوام ان سياسي حڪمت عملي کي رد ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي ملڪ ترقي جي راهه تي اڳتي وڌندو. وفاقي وزير خيبرپختونخوا جي عوام ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي انهن ڪارڪنن جو ٿورو پڻ مڃيو جيڪي سندس ڪال تي ٻاهر نه نڪتا، هنن سڄي ملڪ جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان جي پوري قيادت خيبرپختونخوا جي ترقي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي. صوبي جي عوام کي گذريل 13 سالن دوران درپيش مسئلن جي حل لاءِ قدم کنيا ويندا. هن وزيراعظم شهباز شريف جو خاص ٿورو مڃيو ۽ چيو ته خيبرپختونخوا جو عوام سندس فيصلي مان خوش آهي ۽ حڪومت صوبي جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.










