ڪو به ڏاهو سياستدان ايمرجنسي لاڳوڪرڻ جي حمايت نٿو ڪري سگهي: سينيٽر شيري رحمان

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ڪو به ڏاهو سياستدان ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي حمايت نٿو ڪري سگهي، خيبرپختونخوا جي 12 ضلعن ۾ صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، رياست ماءُ وانگر هوندي آهي، ان جو تحفظ يقيني بڻائڻو پوندو ۽ اسان کي پنهنجي سرزمين واپس وٺڻي پوندي، ملڪ وحدت سان هلن ٿا، ڪنهن صوبي کي پنهنجي ڌار پرڏيهي پاليسي ٺاهڻ …

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ڪو به ڏاهو سياستدان ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي حمايت نٿو ڪري سگهي، خيبرپختونخوا جي 12 ضلعن ۾ صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، رياست ماءُ وانگر هوندي آهي، ان جو تحفظ يقيني بڻائڻو پوندو ۽ اسان کي پنهنجي سرزمين واپس وٺڻي پوندي، ملڪ وحدت سان هلن ٿا، ڪنهن صوبي کي پنهنجي ڌار پرڏيهي پاليسي ٺاهڻ جو اختيار ناهي، پي ٽي آءِ هوش کان ڪم وٺي. خميس ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پيپلزپارٽي ته ڳالهين ۾ وڏي سنجيدگي سان حڪومت سان ڳالهيون ڪري کليل دل ۽ نيڪ نيتي سان آئي هئي، ڪو به ڏاهو سياستدان خوش دلي سان ان فيصلي کي لاڳو ڪرڻ جي حمايت نٿو ڪري، مارشل لا جون حالتون ٻيون هونديون آهن، اسان نٿا چاهيون ته ملڪ هن صورتحال ۾ ورتل هجي. پيپلزپارٽي جي اها ئي سوچ آهي ته اسان جيڪي تاريخ مان زخم پرايا آهن اهي موجوده مخالف ڌر کي نه بردشت ڪرڻا پون. هن چيو ته ملڪ ۾ هن وقت تعليم، غربت خلاف ايمرجنسي جي ضرورت آهي،خطي جون حالتون سڀني سامهون آهن، وچ اوڀر ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، ان جو سڌي ريت اثر اسان جي معيشت تي پئجي رهيو آهي جنهن سان عام ماڻهو جي حالت خراب آهي، جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته پيپلزپارتي ڪنهن اهڙي ايمرجنسي جي مدد ڪندي جيڪا ملڪ ۾ آئين کان مٿانهون هجي ته اها سوچ غلط آهي، هي ائين منهنجي پارٽي جي بياني شهيد ذاولفقار علي ڀٽو جي ملڪيت آهي ۽ اسان ئي ٺاهيو آهي، اسان هن آئين ذريعي هن ملڪ کي مشڪل حالتن ۾ هميشه جوڙي رکيو آهي، سندس چوڻ هو ته ڍاڪا سانحي جي صورتحال سڀني آڏو آهي، اسان نٿا چاهيون ته هي سبق اوهان وساري وڃو، صدر زرداري تي ان حوالي سان تنقيد جو جواز نٿو بڻجي، صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽوز زرداري آخر تائين مسئلا ڳالهين سان حل ڪرڻ جا حامي هئا، هن چيو ته دهشتگردي اسان لاءِ ڳاڙهي لڪير آهي، ڇاڪاڻ ته دهشتگردي سبب ڪارساز سانحو ٿيو، محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٿي، اي پي جي شاگردن کي نشانو بڻايو ويو ۽ اسان جي ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو. هن چيو ته بئريسٽر گوهر سميت هر مخالف ڌر جي اڳوان جو احترام آهي، هن چيو ته ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو دهشتگردي آهي، سڀني کي خبر آهي ته ٽي ٽي پي کي هتي آباد ڪيو ويو، ڊيره اسماعيل ۾ ڏينهن جي وقت ڪنهن ٻي جي حڪومت هوندي آهي ۽ رات جي وقت ڪنهن ٻئي جي ۽ اسان جي سرزمين اسان کي واپس گهرجي.

مزید خبریں