حيدرآباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي)ٻهراڙي جي عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ڳوٺ سومر ملاح، يو سي 160، نزد ايمز اسپتال حيدرآباد ۾ ٻهراڙي جي عورتن سان هڪ خصوصي ويهڪ جو اهتمام ڪيو ويو، تقريب جو اهتمام عورتن جي ترقي بابت ڊپٽي ڊائريڪٽوريٽ حيدرآباد حڪومت سنڌ پاران وائيس آف هومن ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن ۽ همدام فائونڊيشن جي سهڪار سان ڪيو ويو. تقريب ۾ عورتن جي ترقي بابت اداري جي ڊپٽي …
ٻهراڙي جي عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي حيدرآباد لڳ ڳوٺ ۾ تقريب منعقد

مزید خبریں
حيدرآباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي)ٻهراڙي جي عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ڳوٺ سومر ملاح، يو سي 160، نزد ايمز اسپتال حيدرآباد ۾ ٻهراڙي جي عورتن سان هڪ خصوصي ويهڪ جو اهتمام ڪيو ويو، تقريب جو اهتمام عورتن جي ترقي بابت ڊپٽي ڊائريڪٽوريٽ حيدرآباد حڪومت سنڌ پاران وائيس آف هومن ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن ۽ همدام فائونڊيشن جي سهڪار سان ڪيو ويو. تقريب ۾ عورتن جي ترقي بابت اداري جي ڊپٽي ڊائريڪٽر حيدرآباد ثمينا عباسي ۽ بي بي ياسيمن شاهه خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، هنن ٻهراڙي جي هاري عورتن سان ملاقات ڪري سندن مسئلا ٻڌا ۽ خوراڪ جي سارسنڀال، زراعت ۽ خانداني منصوبه بندي ۾ سندن اهم ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت بيجنگ پلس ٽيهه ايجنڊا تي عملدرآمد ۽ ٻهراڙي جي عورتن کي تعليم، هنر ۽ معاشي وسيلن ذريعي بااختيار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي همدام فائونڊيشن جي صدر شوڪت سومرو چيو ته سنڌ جي ٻهراڙي جون عورتون موسمياتي تبديلي خلاف سڀ کان اڳيان آهن پر کين وسيلا تمام گهٽ ميسر آهن، همدام فائونڊيشن پنهنجي ايڪو يونٽي پروگرام جي تحت ٻهراڙي جي عورتن ۽ نياڻين کي موسمياتي تعليم ۽ روزگار سان منسلڪ ڪرڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪري رهي آهي. ڪميونٽي اڳواڻ مصطفيٰ ملاح عورتن جي ترقي ۽ ڀائيوار تنظيمن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ثمينا عباسي ۽ بي بي ياسيمن شاهه ڳوٺ سومر ملاح پهچي پورهيو ڪندڙ عورتن کي عزت بخشي آهي، ان موقعي تي علائقي جي عورتن پاڻي، صحت، تعليم ۽ زراعت جي حوالي سان پنهنجا مسئلا پيش ڪيا، تقريب جي پڄاڻي تي ٻهراڙي جي عورتن جي بهتر مستقبل جي تعمير جي عزم کي ورجايو.











