لاڙڪاڻو- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حدن شمبي شاهه لنڪ روڊ تي پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو جنهن دوران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس ترجمان موجب شمبي شاهه لنڪ روڊ تي پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ فائرنگ سبب هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪيو ويو. زخمي حالت ۾ …
جيڪب آباد ۾ پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مقابلو، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حدن شمبي شاهه لنڪ روڊ تي پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو جنهن دوران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس ترجمان موجب شمبي شاهه لنڪ روڊ تي پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ فائرنگ سبب هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪيو ويو. زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ عمر پٽ شير دل جکراڻي جي نالي سان ٿي آهي.پوليس مقابلي دوران ٻه جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا، جن جي گرفتاري لاءِ پوليس طرفان ڳولا جاري آهي.گرفتار زخمي جوابدار کي فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار جي ڪرمنل رڪارڊ بابت جاچ پڻ ڪئي پئي وڃي.










