لاڙڪاڻو - 15 آڪٽوبر (اي پي پي) ايس ايس پي آفيس قمبر شهدادڪوٽ ۾ او آر منعقد ڪيو ويو، جتي غفلت ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف مختلف ڊپارٽمينٽل ڪارروائيون ڪندي سزائون ڏنيون ويون. ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ حسن سردار احمد خان نيازي جي هدايتن تي اي ايس پي يو ٽي طلال خليل سمورن پوليس جوانن جي پينڊنگ شوڪاز نوٽيسن ۽ ايگلٽ ڪورس کان غير حاضر رهندڙ ليڊي پوليس ڪانسٽيبلن تي ايڪشن …
ايس ايس پي آفيس قمبر شهدادڪوٽ ۾ او آر منعقد، غفلت ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڊپارٽمينٽل ڪارروائيون، مختلف سزائون ڏنيون ويون

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) ايس ايس پي آفيس قمبر شهدادڪوٽ ۾ او آر منعقد ڪيو ويو، جتي غفلت ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف مختلف ڊپارٽمينٽل ڪارروائيون ڪندي سزائون ڏنيون ويون. ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ حسن سردار احمد خان نيازي جي هدايتن تي اي ايس پي يو ٽي طلال خليل سمورن پوليس جوانن جي پينڊنگ شوڪاز نوٽيسن ۽ ايگلٽ ڪورس کان غير حاضر رهندڙ ليڊي پوليس ڪانسٽيبلن تي ايڪشن وٺندي مختلف سزائون ڏيڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.جاري ڪيل حڪمن موجب 2 اهلڪارن جون انڪريمنٽس بند ڪيون ويون، 2 اهلڪارن جي سروس ضبط، 2 اهلڪارن جي بغير پگهار جي موڪل ليو وڌ آئوٽ پي منظور ڪئي وئي، جڏهن ته 6 ليڊي پوليس ڪانسٽيبلز کي وارننگ جاري ڪئي وئي، 5 اهلڪارن کي سينشيوئر ۽ 6 اهلڪارن کي ايڪسٽرا ڊرل ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. سزا ماڻيندڙن ۾ پوليس ڪانسٽيبل جنسار چانڊيو، پوليس ڪانسٽيبل مظهر پيرزادو، پوليس ڪانسٽيبل مختيار جاگيراڻي، پوليس ڪانسٽيبل ارشاد جاگيراڻي، پوليس ڪانسٽيبل عادل تونيو، پوليس ڪانسٽيبل غلام علي سومرو ۽ ليڊي ڪانسٽيبلن ۾ پروين، سپنا، انوشا، حنا ۽ ٻيا شامل آهن.ان موقعي تي اي ايس پي يو ٽي طلال خليل سمورن پوليس اهلڪارن کي سخت هدايتون جاري ڪندي چيو ته پوليس جا جوان پنهنجي ڊيوٽي جا فرض بهتر طريقي سان ادا ڪن. غير حاضر ۽ غفلت ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.










