ڪنهن به ميمبر ملڪ جي ڌرتي تي روس جي حملي جو فوري خطرو ناهي: نيٽو

ٽالن- 15 آڪٽوبر(اي پي پي) نيٽو چيو آهي ته في الحال پنهنجي اتحاد جي ميمبر ملڪن جي ڌرتي تي روس جي حملي جو فوري ڪو خطرو نظر نه پيو اچي پر روس جي حملي جي تياري لاءِ فوري چرپر جو پتو پوڻ تي ردعمل ڏينداسين.پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه نيٽو جي سيڪريٽري جنرل مارڪ روٽي ايسٽونيا جي وزيراعظم ڪرسٽن ميخال سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. مارڪ روٽي …

ٽالن- 15 آڪٽوبر(اي پي پي) نيٽو چيو آهي ته في الحال پنهنجي اتحاد جي ميمبر ملڪن جي ڌرتي تي روس جي حملي جو فوري ڪو خطرو نظر نه پيو اچي پر روس جي حملي جي تياري لاءِ فوري چرپر جو پتو پوڻ تي ردعمل ڏينداسين.پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه نيٽو جي سيڪريٽري جنرل مارڪ روٽي ايسٽونيا جي وزيراعظم ڪرسٽن ميخال سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. مارڪ روٽي اتحادي ملڪن تي زور ڀريو ته هو سياري جي موسم جي آمد کي نظر ۾ رکندي يوڪرين لاءِ فوجي امداد ۾ اضافو ڪن خاص طور تي فضائي دفاع جي شعبي ۾ سهڪار وڌايو وڃي. ان موقعي تي ايسٽونيا جي وزيراعظم چيو ته سندس ملڪ يوڪرين جي مسلسل حمايت کي پنهنجي قومي سلامتي جو اهم جز سمجهي ٿو. ايسٽونيا جي دوري ۾ مارڪ روٽي جون اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون به شيڊولڊ آهن. هو اماري ايئر بيس جو دورو ۽ ٽالن يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي ۾ خطاب به ڪندو.

مزید خبریں