جاپان جي زراعت واري وزير تڪراري بيانن ۽ الزامن سبب استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ٽوڪيو- 15 آڪٽوبر(اي پي پي) جاپان جي زراعت واري وزير ڪازويانا تڪراري بيانن ۽ چونڊ قانونن جي امڪاني ڀڃڪڙين جي الزامن تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي جنهن سبب وزيراعظم سانائي تاڪائيچي جي حڪومت کي وڏو ڌچڪو لڳو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪازويانا تي الزام هو ته هن چونڊ حمايت نه ڪندڙ ٻن بلدياتي ادارن جي روڊن جي بجيٽ ۾ گهٽتائي ڪئي ۽ چونڊ مهم دوران پنهنجن حامين کي مفت شٽل …

ٽوڪيو- 15 آڪٽوبر(اي پي پي) جاپان جي زراعت واري وزير ڪازويانا تڪراري بيانن ۽ چونڊ قانونن جي امڪاني ڀڃڪڙين جي الزامن تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي جنهن سبب وزيراعظم سانائي تاڪائيچي جي حڪومت کي وڏو ڌچڪو لڳو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪازويانا تي الزام هو ته هن چونڊ حمايت نه ڪندڙ ٻن بلدياتي ادارن جي روڊن جي بجيٽ ۾ گهٽتائي ڪئي ۽ چونڊ مهم دوران پنهنجن حامين کي مفت شٽل بسن جي سهولت فراهم ڪئي.وزيراعظم تاڪائيچي انهن بيانن کي انتهائي نامناسب قرار ڏنو هو. ڪازويانا ان کان اڳ سياسي فنڊن ۾ مبينا بي ضابطگين جي اسڪينڊل تي حڪمران لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي ڪارروائي کي به منهن ڏئي چڪو هو. هو تاڪائيچي حڪومت قائم ٿيڻ بعد اسڪينڊل سبب استعيفيٰ ڏيندڙ پهريون ڪابينا ميمبر آهي.

مزید خبریں