پاڪستان پاران گڏيل قومن کان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي نئين رپورٽ جاري ڪرڻ جو مطالبو

گڏيل قومون- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي حوالي سان گڏيل قومن جي نئين رپورٽ جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اهو مطالبو پاڪستان جي عارضي مستقل نمائندي عثمان جدون گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ٽين ڪميٽي ۾ انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ جي بريفنگ بعد ٿيل ڳالهين دوران ڪيو. پاڪستاني نمائندي …

گڏيل قومون- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي حوالي سان گڏيل قومن جي نئين رپورٽ جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اهو مطالبو پاڪستان جي عارضي مستقل نمائندي عثمان جدون گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ٽين ڪميٽي ۾ انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ جي بريفنگ بعد ٿيل ڳالهين دوران ڪيو. پاڪستاني نمائندي سفير عثمان جدون چيو ته ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن مطابق پنهنجي خوداراديت واري حق کان محروم رکيو پيو وڃي. هن نشاندهي ڪئي ته آگسٽ 2019ع کانپوءِ کان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ بنيادي آزادين تي پابندين سبب صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر جي سال 2018ع ۽سال 2019ع جي رپورٽس ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي نشاندهي ڪندي آزاداڻي جاچ، ذميوارن جو احتساب، انساني حقن جي ادارن کي بنا رڪاوٽ پهچ ڏيڻ ۽ عالمي جاچ ڪميشن قائم ڪرڻ تي غور ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي، پر انهن سفارشن تي عمل ناهي ڪيو ويو. سفير عثمان جدون هاءِ ڪمشنر کان پڇيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ آگسٽ 2019ع بعد جي صورتحال سميت تازي اڳڀرائي تي ٻڌل نئين رپورٽ ڪڏهن جاري ڪئي ويندي ۽ اڳوڻن ٻن رپورٽن جي سفارشن تي عمل لاءِ هن وقت تائين ڪهڙا ٺوس قدم کنيا ويا آهن. انساني حقن بابت گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر پاران پاڪستاني نمائندي جي سوالن جو جواب هن وقت تائين ناهي مليو.

مزید خبریں