صدر پاران بلوچستان جي ضلعي واشڪ ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي ضلعي واشڪ ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر چيو ته بلوچستان ۾ امن ۽ امان کي نقصان پهچائڻ ۽ عوام ۾ خوف ۽ هراس پکيڙيندڙ دهشتگرد عنصرن خلاف موثر ڪارروائيُون جاري رکيُون وينديُون ۽ دهشتگردن جي …

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي ضلعي واشڪ ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر چيو ته بلوچستان ۾ امن ۽ امان کي نقصان پهچائڻ ۽ عوام ۾ خوف ۽ هراس پکيڙيندڙ دهشتگرد عنصرن خلاف موثر ڪارروائيُون جاري رکيُون وينديُون ۽ دهشتگردن جي غير مُلڪي سرپرستن ۽ انهن جي مقامي سهولتڪارن جي سازشن کي هر قيمت تي ناڪام بڻايو ويندو.