وزيراعظم پاران بلوچستان ۾ فتنه الهندوستان جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن رد الفتنه 3 تحت ڪامياب ڪارروائي جي واکاڻ

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ فتنه الهندوستان جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن رد الفتنه 3 تحت ڪامياب ڪارروائي کي ساراهيندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جون ڪامياب ڪارروايُون دهشتگردن خلاف اسان جي پختي قومي عزم جون عڪاس آهن. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز ضلع واشڪ جي علائقي پلانتڪ ۾ …

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ فتنه الهندوستان جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن رد الفتنه 3 تحت ڪامياب ڪارروائي کي ساراهيندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جون ڪامياب ڪارروايُون دهشتگردن خلاف اسان جي پختي قومي عزم جون عڪاس آهن. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز ضلع واشڪ جي علائقي پلانتڪ ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ۾ 5 دهشتگردن کي مجهنم ڀيڙو ڪيو جيڪو تحسين لائق آهي. وزيراعظم چيو ته آپريشن ۾ دهشتگردن جي قبضي مان جديد هٿيار ۽ گولا بارود به هٿ ڪيو ويو آهي، جيڪو درپيش چئلينج جي سنگيني کي ظاهر ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز پاران جاري ڪامياب ڪارروائيُون دهشتگردن خلاف اسان جي پختي قومي عزم جُون عڪاس آهن. دهشتگردي خلاف گڏيل قومي عزم اصل ۾ ملڪ جي امن ۽ سلامتي جو ضامن آهي. وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا آفيسر ۽ جوان قومي سلامتي لاءِ وڏيون قيمتي قربانيون ڏئي رهيا آهن. سيڪيورٽي فورسز جُون قربانيُون ۽ شاندار ڪارڪردگي تي پُوري قوم انهن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي جرئت، پيشيوراڻي مهارت ۽ حڪمت عملي دهشتگردن جي ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي ڀرپُور صلاحيت رکي ٿي، مُلڪ مان دهشتگردي جي برائي جي مُڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون ڀرپُور قومي حمايت ۽ پوري قوت سان جاري رهنديون. هن چيو ته قوم کي بهادر هٿياربند فوج تي فخر آهي جيڪا مُلڪ جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي.

مزید خبریں