وزيراعظم پاران مڪه امن معاهدو خطي ۾ امن، اتحاد ۽ استحڪام جي لاءِ تاريخي سنگ ميل قرار

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مڪه امن معاهدي کي خطي ۾ امن، اتحاد ۽ استحڪام جي لاءِ تاريخي سنگ ميل قرار ڏيندي سعودي عرب جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي پختي عزم کي ورجايو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مڪه دفاعي اتحاد جي پهرين سيڪريٽري جنرل ليفٽيننٽ جنرل …

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مڪه امن معاهدي کي خطي ۾ امن، اتحاد ۽ استحڪام جي لاءِ تاريخي سنگ ميل قرار ڏيندي سعودي عرب جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي پختي عزم کي ورجايو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مڪه دفاعي اتحاد جي پهرين سيڪريٽري جنرل ليفٽيننٽ جنرل (ر) نعمان محمود اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم اتحاد جي سيڪريٽري جنرل جو عهدو سنڀالڻ تي ليفٽيننٽ جنرل (ر) نعمان محمود جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته مڪه امن معاهدو خطي ۾ امن، اتحاد ۽ استحڪام لاءِ هڪ تاريخي سنگ ميل آهي. مڪه دفاعي معاهدي تحت پاڪستان سعودي عرب جي خودمختياري، دفاع ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي پنهنجي دفاع جي جائز حق جي مڪمل حمايت ڪري ٿو، سعودي عرب جي خودمختياري، علائقائي سلامتي ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي پختي عزم کي ورجايُون ٿا. مڪه دفاعي اتحاد جي سيڪريٽري جنرل وزيراعظم کي مڪه دفاعي معاهدي جي فريم ورڪ تحت دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان حڪمت عملي بابت آگاهه ڪيو.

مزید خبریں