پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ ٻطرفي واپار، اقتصادي سرگرمين ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجُود آهن: محمد اسحاق ڊار

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ ٻطرفي واپار، اقتصادي سرگرمين ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجُود آهن، جن مان لاڀ پرائڻ جي لاءِ مسلسل رابطي ۽ باقاعده مشاورت ضروري آهي، پاڪستان ۽ عمان کي علائقائي امن لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ ۽ جاري تڪرارن جي حل جي لاءِ …

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ ٻطرفي واپار، اقتصادي سرگرمين ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجُود آهن، جن مان لاڀ پرائڻ جي لاءِ مسلسل رابطي ۽ باقاعده مشاورت ضروري آهي، پاڪستان ۽ عمان کي علائقائي امن لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ ۽ جاري تڪرارن جي حل جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ گهرجن. عمان جي پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد بن حمود البوسعيدي علائقائي سطح تي ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي فروغ لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيندي چيو ته خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هنن پاڪستان-عمان گڏيل وزارتي ڪميشن جي اٺين اجلاس ۾ افتتاحي جملن ۾ ڪيو. نائب وزيراعظم عمان جي پرڏيهي وزير ۽ ان جي وفد جي پاڪستان آمد تي آجيان ڪئي ۽ صدر ۽ وزيراعظم جي طرفان عمان جي سلطان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ گڏيل وزارتي ڪميشن جو اجلاس 7 سالن کانپوءِ ٿي رهيو آهي. ٻنهي ملڪن اتفاق ڪيو آهي ته ايندڙ اجلاسن جي وچ ۾ ايترو ڊگهو وقفو نه هجڻ گهرجي ته جيئن واپار، معاشي سرگرميون ۽ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپُور فائدو حاصل ڪري سگهجي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ محدود سطح جي ملاقات ۾ ٻطرفي دلچسپي جي مختلف شعبن ۽ عالمي ۽ علائقائي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

مزید خبریں