اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسيحي برادري جي روحاني پيشوا پوپ ليو چوڏهين جي سرجري کان پوءِ سندس جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت طرفان پوپ ليو جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ دعاگو آهي. هن چيو ته نه رڳو پاڪستان جي …
وزيراعظم پاران مسيحي برادري جي روحاني پيشوا پوپ ليو جي صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسيحي برادري جي روحاني پيشوا پوپ ليو چوڏهين جي سرجري کان پوءِ سندس جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت طرفان پوپ ليو جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ دعاگو آهي. هن چيو ته نه رڳو پاڪستان جي مسيحي برادري پر پوري قوم سندس صحتيابي لاءِ دعاڳو آهي. وزيراعظم چيو ته همدردي، امن ۽ انساني وقار جي حوالي سان سندس پرعزم پيغام پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي عوام جي دلين ۾ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، اسان دعا ڪريون ٿا ته هو نئين سگهه ۽ عزم سان انسانيت جي لاءِ قيمتي خدمتن جو سلسو جاري رکي.










