پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ ٻطرفي واپار، اقتصادي سرگرمين ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجُود آهن: محمد اسحاق ڊار

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ ٻطرفي واپار، اقتصادي سرگرمين ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجُود آهن، جن مان لاڀ پرائڻ جي لاءِ مسلسل رابطي ۽ باقاعده مشاورت ضروري آهي، پاڪستان ۽ عمان کي علائقائي امن لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ ۽ جاري تڪرارن جي حل جي لاءِ …

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ ٻطرفي واپار، اقتصادي سرگرمين ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجُود آهن، جن مان لاڀ پرائڻ جي لاءِ مسلسل رابطي ۽ باقاعده مشاورت ضروري آهي، پاڪستان ۽ عمان کي علائقائي امن لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ ۽ جاري تڪرارن جي حل جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ گهرجن. عمان جي پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد بن حمود البوسعيدي علائقائي سطح تي ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي فروغ لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيندي چيو ته خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هنن پاڪستان-عمان گڏيل وزارتي ڪميشن جي اٺين اجلاس ۾ افتتاحي جملن ۾ ڪيو. نائب وزيراعظم عمان جي پرڏيهي وزير ۽ ان جي وفد جي پاڪستان آمد تي آجيان ڪئي ۽ صدر ۽ وزيراعظم جي طرفان عمان جي سلطان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ گڏيل وزارتي ڪميشن جو اجلاس 7 سالن کانپوءِ ٿي رهيو آهي. ٻنهي ملڪن اتفاق ڪيو آهي ته ايندڙ اجلاسن جي وچ ۾ ايترو ڊگهو وقفو نه هجڻ گهرجي ته جيئن واپار، معاشي سرگرميون ۽ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپُور فائدو حاصل ڪري سگهجي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ محدود سطح جي ملاقات ۾ ٻطرفي دلچسپي جي مختلف شعبن ۽ عالمي ۽ علائقائي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن ۾ آمريڪا-ايران جنگ، آبنائي هرمز، باب المندب، فلسطين، غزه ۽ ڄمون ۽ ڪشميرسميت خطي جا ٻيا اهم مسئلا شامل آهن. هن علائقائي امن جي فروغ ۽ مسلمان امت جي وچ ۾ امن جي لاءِ عمان جي قيادت جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان انهن ڪوششن کي تسليم ڪري ٿو. هن چيو ته هو ذاتي طور تي عماني قيادت جي ڪوششن کي ساراهي ٿو ۽ ڄاڻي ٿو ته ان مقصد جي لاءِ ڪيتري محنت ڪئي وئي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ نار تعاون ڪائونسل (جي سي سي) جا لاڳاپا منفرد نوعيت جا آهن. ٻئي ملڪ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي)، گڏيل قومن ۽ ٻين گهڻ طرفن ادارن جا ميمبر آهن ۽ مختلف معاملن ۾ ويجهو رابطو ۽ تعاون ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ عمان ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيندي 55 سال ٿي ويا آهن، تنهن هُوندي به ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جون پاڙون صدين تي ٻڌل گڏيل تاريخ، محبت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۽ عمان کي علائقائي امن لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ ۽ جاري تڪرارن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ گهرجن. هن چيو ته خطي ۾ ڇڪتاڻ جي ڪري مشڪلاتون واضح آهن ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ توانائي جي سپلاءِ چين متاثر ٿي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ پاڪستان ۽ عمان ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگ سميت مختلف عالمي معاملن ۾ عمان سدائين پاڪستان سان رابطو ڪيو جڏهن ته پاڪستان به عماني قيادت کي صورتحال کان آگاهه رکندو آهي. هن منيلا ۾ ٿيندڙ پنهنجي پوئين ملاقات کي به خوشگوار قرار ڏنو. هن اعلان ڪيو ته هو 2027ع ۾ عمان جو دورو ڪندو جتي ٻنهي ملڪن جي گڏيل وزارتي ڪميشن جو ايندڙ اجلاس منعقد ٿيندو. ان موقعي تي عمان جي پرڏيهي وزير سيد بدر بن حماد بن حمود البوسعيدي پنهنجي وفد سان گڏ اسلام آباد آمد تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ تاريخ، ثقافت، روايتن ۽ گڏيل ويجهڙائي جا مضبوط رشتا موجُود آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ ٻطرفي رابطن جو مقصد مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ وڌ کان وڌ فائدن جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي. عمان جي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان-عمان گڏيل وزارتي ڪميشن جو اٺون اجلاس ٻطرفي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي. ٻنهي ملڪن جي اجلاسن کي وڌيڪ باقاعدگي سان منعقد ڪرڻ جي گڏيل عزم ڪيو آهي. گڏيل ملاقاتن ۽ رابطن ۾ اضافي سان ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ عوام جي اميدن کي پورو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ موثر اڳڀرائي ممڪن ٿيندي. هن علائقائي سطح تي ڳالهيُون ۽ سفارتڪاري جي فروغ لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيندي چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن ڇڪتاڻ ۾ اضافي جو خطرو موجُود هُجي رابطن، ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل سمجهداري کي فروغ ڏيڻ جون ڪوششون قدر جوڳيُون آهن. هن چيو ته هو گذريل مهينن دوران پاڪستان طرافن ٿيندڙ ڪوششن کي ساراهين ٿا، جنهن سان خاص طور تي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهين جي لاءِ گنجائش پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي. عمان جي پرڏيهي وزير اجلاس جي تيارين ۾ ٻنهي ملڪن جي عملدارن جي محنت ۽ ڪوششن جو اعتراف ڪندي انهن جا ٿورا ادا ڪيا. هن چيو ته اقتصادي تعاون تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۽ عمان ٻئي اهم اقتصادي تبديلين جي عمل مان گذري رهيا آهن ۽ انهن جي وچ ۾ واپار، لاجسٽڪس، بندرگاهن جي رابطن، توانائي، غذائي تحفظ، ٽيڪنالاجي ۽ سياحت سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون جي وڏا امڪان موجود آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل وزارتي ڪميشن جو اجلاس ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بامعني اڳڀرائي ۽ عملي تعاون جي فروغ لاءِ هڪ مؤثر پليٽ فارم ثابت ٿيندو.