اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان سلطنت عمان جي پرڏيهي وزير سيد بدر بن حماد بن حمود البوسعيدي ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ ويجهن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي گڏيل دلچسپي جي سڀني شعبن، خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن ۾ تعاون وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان عمان جي پرڏيهي وزير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان سلطنت عمان جي پرڏيهي وزير سيد بدر بن حماد بن حمود البوسعيدي ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ ويجهن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي گڏيل دلچسپي جي سڀني شعبن، خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن ۾ تعاون وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي جي مسلسل رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران اربع تي جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ملاقات پاڪستان-عمان گڏيل وزارتي ڪميشن جي اٺين اجلاس کان اڳ خوشگوار ماحول ۾ ٿي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي پائيدار امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي اهميت کي اجاگر ڪيو. عمان جي پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ سلامتي کي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو جڏهن ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پڻ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ عمان جي تعميري ڪردار ۽ گڏيل خواهشن جي تعريف ڪئي.










