اسلام آباد - 13 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري يورپ ۾ پاڪستاني ڪارڪنن ۽ پيشيور ماڻهن جي لاءِ قانوني چرپر جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته غيرقانوني چرپر جي روڪٿام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن سان گڏ قانوني چرپر جي رستن ۾ توسيع، هنرمند افرادي قوت جي چرپر ۽ يورپي يونين سان منظم تعاون کي پڻ فروغ ڏيڻ گهرجي. صدر اهڙن …
صدر آصف علي زرداري سان گهرو معاملن بابت يورپي ڪمشنر ميگنس برونر جي ملاقات، صدر پاران يورپ ۾ پاڪستاني ڪارڪنن ۽ پيشيور ماڻهن جي لاءِ قانوني چرپر جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري يورپ ۾ پاڪستاني ڪارڪنن ۽ پيشيور ماڻهن جي لاءِ قانوني چرپر جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته غيرقانوني چرپر جي روڪٿام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن سان گڏ قانوني چرپر جي رستن ۾ توسيع، هنرمند افرادي قوت جي چرپر ۽ يورپي يونين سان منظم تعاون کي پڻ فروغ ڏيڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گهرو معاملن ۽ مائيگريشن بابت يورپي ڪمشنر ميگنس برونر سان ملاقات دوران ڪيو جنهن اڱاري ڏينهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن، چرپر جي انتظامن، انساني اسمگلنگ ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي غيرقانوني اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ تعاون ۽ قانوني چرپر ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان وسيع البنياد تعاون کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ انگيجمنٽ پلان تي عملدرآمد جي لاءِ پُرعزم آهي. صدر غيرقانوني چرپر جي روڪٿام جي لاءِ يورپي يونين سان پاڪستان جي تعاون کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان يورپي يونين جي ريڊميشن معاهدي تي عملدرآمد جاري رکيو آهي ۽ گذريل سالن دوران 30 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي واپس قبول ڪري چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان قانونسازي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، اداراجاتي صلاحيت وڌائڻ، سرحدي ڪنٽرول موثر بڻائڻ ۽ عالمي تعاون جي ذريعي انساني اسمگلنگ ۽ غيرقانوني چرپر جي روڪٿام جي لاءِ پُرعزم آهي. غيرقانوني چرپر ۾ گهٽتائي جي حوالي سان اڳڀرائي جو ذڪر ڪندي صدر چيو ته يورپي يونين جي انگن اکرن موجب گذريل 18 مهينن دوران پاڪستان مان غيرقانوني چرپر ۾ 64 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان خطي جو واحد ملڪ آهي جنهن ايتري قدر گهٽتائي حاصل ڪئي. هن چيو ته اها اڳڀرائي پاڪستان جي مسلسل ڪوششن جي عڪاس آهي ۽ محفوظ ۽ قانوني چرپر جي رستن کي سگهه ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي. ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان غيرقانوني چرپر ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ ڪوششون موثر بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ۽ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ يورپي يونين کان مدد طلب ڪئي آهي. صدر چيو ته ڪارڪنن کي محفوظ موقعا فراهم ڪرڻ ۽ اسمگلنگ جي نيٽ ورڪس تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قانوني چرپر جا رستا لازمي آهن. هن پاڪستان – يورپي يونين چرپر جي ڳالهه ٻولهه کي هڪ ڪارائتو فريم ورڪ قرار ڏنو جنهن جي ذريعي پاڪستان جي افرادي قوت جي صلاحيت کي يورپي ليبر مارڪيٽ جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪري سگهجي ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ڳالهه ٻولهه جو ايندڙ دور جيڪو ايندڙ سال جي شروع ۾ برسلز ۾ متوقع آهي، ان تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. صدر آصف علي زرداري يورپي يونين جي ٽيلنٽ پارٽنرشپس فريم ورڪ ۾ توسيج جي پڻ آجيان ڪئي ۽ سرڪلر مائيگريشن سميت هنرمند ڪارڪنن ۽ پيشيور ماڻهن جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي افرادي قوت کي يورپي ليبر مارڪيٽ جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ يورپي يونين سان هڪ منظم طريقيڪار تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته موجوده ٽيلنٽ پارٽنرشپ ۽ غيرقانوني چرپر جي روڪٿام جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي ڏس ۾ يورپي يونين پاڪستان ۾ يورپي ليگل گيٽ وي آفيس قائم ڪرڻ تي پڻ غور ڪندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ سياسي ڳالهه ٻولهه، تجربن، ترقياتي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن تي ٻڌل وسيع البنياد لاڳاپا قائم آهن. صدر اعتماد ظاهر ڪيو ته مسلسل رابطن سان گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ملندو ۽ چرپر جي شعبن ۾ عملي تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. يورپي ڪمشنر ميگنس برونر علائقائي توازن برقرار رکڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ان حوالي سان غيرمعمولي ڪم ڪيو آهي. هن غيرقانوني ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي خطرناڪ سفر اختيار ڪرڻ کان روڪڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو جنهن دوران ڪيترائي ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي ويهن ٿا. يورپي يونين جي پاڪستان ۾ سفير رائمونڊاس ڪاروبلس، مائيگريشن اينڊ هوم افيئرز بابت ڊائريڪٽوريٽ جنرل جو ڊائريڪٽر هنريڪ نيلسن، گريگوريوس ڊيلاويڪوراس ۽ ڪمشنر ميگنس برونر جو ڪابينا ميمبر لوڪاس گاسنر پڻ ساڻس گڏ هئا. گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير سيد محسن رضا نقوي، گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري مملڪتي وزير طلال چوڌري، سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ اڳوڻي وفاقي وزير سيد نويد قمر پڻ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي.











