اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪستان کي پائيدار ۽ چٽاڀيٽي واري معيشت بڻائڻ لاءِ غربت جي خاتمي، انساني وسيلن جي ترقي ۽ سماجي اهڃاڻن ۾ بهتري کي قومي ترجيحن ۾ سرفهرست رکڻو پوندو، ترقي جا ثمر ملڪ جي هر شهري ۽ هر علائقي تائين پهچائڻ ۽ معاشي موقعن جي منصفاڻي فراهمي يقيني بڻائڻ وقت جي …
غربت جو خاتمو انساني ترقي ۽ پائيدار معاشي خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي: وفاقي وزير احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪستان کي پائيدار ۽ چٽاڀيٽي واري معيشت بڻائڻ لاءِ غربت جي خاتمي، انساني وسيلن جي ترقي ۽ سماجي اهڃاڻن ۾ بهتري کي قومي ترجيحن ۾ سرفهرست رکڻو پوندو، ترقي جا ثمر ملڪ جي هر شهري ۽ هر علائقي تائين پهچائڻ ۽ معاشي موقعن جي منصفاڻي فراهمي يقيني بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. جامع معاشي ترقي، معاشي خودمختياري ۽ غربت کان خوشحالي ڏانهن سفر جي موضوع تي منعقد ڪانفرنس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نمائندگي ڪندي وفاقي وزير چيو ته غربت رڳو آمدني جي کوٽ ناهي پر تعليم، صحت، غذائيت ۽ عزت ڀرئي روزگار تائين محدود پهچ جو نالو پڻ آهي. پاڪسان ۾ غربت جي شرح ۾ اضافي ۽ ڪمزور سماجي اهڃاڻن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن چيو ته ملڪ جي پائيدار ترقي لاءِ انهن بنيادي مسئلن جو اثرائتو حل اڻٽر آهي. احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جڏهن ته ٻارن ۾ واڌ ويجهه جي کوٽ جي شرح اٽڪل 40 سيڪڙو آهي. تعليم، صحت ۽ غذائيت جي شعبن ۾ بهتري کان سواءِ پاڪستان عالمي معيشت ۾ اثرائتو مقابلو نٿو ڪري سگهي. هن شروعاتي طور ننڍپڻ ۾ واڌ ويجهه، معياري تعليم ۽ انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري کي مستقبل جي معاشي ترقي لاءِ بنيادي اهميت رکندڙ قرار ڏنو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جو ڌيان رڳو غربت جي شرح جو جائزو وٺڻ تائين محدود ناهي پر ماڻهن کي غربت مان ڪڍي خودڪفالت جي منزل تائين پهچائڻ اسان جو اصل هدف آهي. اسان ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون اڃا تيز بڻائڻ سان گڏوگڏ سمورين لاڳاپيل ڌرين کي به متحرڪ ڪري رهيا آهيون.











