گهرو معاملن واري وفاقي وزير پاران هائپر سونڪ بيلسٽڪ ميزائيل فتح 2 جي توسيعي رينج جي ڪامياب تجربي تي پوري قوم، سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪون

اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي هائپر سونڪ بيلسٽڪ ميزائيل فتح 2 توسيعي رينج جي ڪامياب تجربي تي پوري قوم کي مبارڪون ڏنيون آهن. هن ان تاريخي ڪاميابي کي ملڪي دفاع لاءِ انتهائي اهم ۽ اڻٽر قرار ڏنو. گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب گهرو وزير پاڪ فوج جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي اڻٿڪ محنت ۽ مهارت کي خراج تحسين پيش ڪندي …

اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي هائپر سونڪ بيلسٽڪ ميزائيل فتح 2 توسيعي رينج جي ڪامياب تجربي تي پوري قوم کي مبارڪون ڏنيون آهن. هن ان تاريخي ڪاميابي کي ملڪي دفاع لاءِ انتهائي اهم ۽ اڻٽر قرار ڏنو. گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب گهرو وزير پاڪ فوج جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي اڻٿڪ محنت ۽ مهارت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪ فوج جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن فخر جوڳو ڪارنامو انجام ڏنو آهي، پاڪستان جا بهترين سائنسدان ۽ انجنيئرز اسان جا حقيقي سرمايو آهن. هن چيو ته هائپر سونڪ بيلسٽڪ ميزائيل فتح 2 جو ڪامياب تجربو دفاعي شعبي ۾ هڪ زبردست اڳڀرائي آهي جنهن سان پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن کي بي پناهه طاقت ملي آهي. سندس چوڻ هو ته ان اهم ڪاميابي ذريعي پاڪستان اڄ دفاع جي شعبي ۾ هڪ ٻيو تاريخي سنگ ميل پار ڪيو آهي.

مزید خبریں