اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، ملتان ۾ شير شاهه ويجهو پيش آيل ريل حادثي جو نوٽيس وٺندي واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ريلوي واري وزارت مان جاري بيان مطابق هن حادثي ۾ فوت ٿيل مسافرن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڏک جي هن گهڙي ۾ هو متاثر خاندانن جي ڏک ۾ …
ريلوي واري وفاقي وزير پاران ملتان ريل حادثي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، ملتان ۾ شير شاهه ويجهو پيش آيل ريل حادثي جو نوٽيس وٺندي واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ريلوي واري وزارت مان جاري بيان مطابق هن حادثي ۾ فوت ٿيل مسافرن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڏک جي هن گهڙي ۾ هو متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. وفاقي وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته حادثي ۾ سمورن زخمين کي فوري ۽ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته فوتين جي گهرڀاتين ۽ زخمي مسافرن کي پاڪستان ريلويز جي انشورنس پاليسي تحت معاوضو ادا ڪيو ويندو. وفاقي وزير حادثي جي جاءِ جو معائنو ڪرڻ ۽ صورتحال جو پاڻ جائزو وٺڻ لاءِ واقعي واري هنڌ طرف روانو ٿي چڪو آهي، جتي هو امدادي ڪارروائين جي ذاتي طور تي نگراني ڪندو. وفاقي وزير فيڊرل گورنمينٽ انسپڪٽر آف ريلويز کي واقعي جي فوري ۽ غير جانبدار جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي. ٻي طرف ريلوي اختيارين مطابق ٽرين آپريشن متبادل روٽ ذريعي لوڌران ۽ جهانيان مڪمل طور تي بحال ڪري ڇڏيو آهي.











