پاڪستان قدرتي آفتن جي خطرن، انهن جي ڪري ٿيندڙ نقصانن ۾ گهٽتائي جي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي پختي عزم تي قائم آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد - 13 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قدرتي آفتن جي خطرن، انهن جي ڪري ٿيندڙ عدم تحفظ ۽ سماجي ۽ اقتصادي نقصانن ۾ گهٽتائي جي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته قدرتي آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي نه رڳو انساني همدرديءَ جي گهرجن تحت ضروري آهي پر …

اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قدرتي آفتن جي خطرن، انهن جي ڪري ٿيندڙ عدم تحفظ ۽ سماجي ۽ اقتصادي نقصانن ۾ گهٽتائي جي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته قدرتي آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي نه رڳو انساني همدرديءَ جي گهرجن تحت ضروري آهي پر پائيدار ترقي جي 2030ع جي ايجنڊا تحت اڳڀرائي حاصل ڪرڻ ۽ ان کي برقرار رکڻ جي لاءِ پڻ لازمي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب قدرتي آفتن جي خطرن ۾ گهٽتئاي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته گذريل ڪجهه سالن دوران پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ آفتن جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏيڻو پيو آهي جن ۾ بار بار بار ايندڙ ٻوڏ، گليشيئرز جي وگهرڻ جي رفتار ۾ تيزي، سوڪهڙي، شديد گرمي جي لهرن ۽ پاڻي جي وڌندڙ کوٽ شامل آهن، تازي چوماسي جي موسم دوران شديد برساتن جي نتيجي ۾ قيمتي جانين ۽ روزگار جي ذريعن جو نقصان ان غيرمتناسب موسمياتي بار کي اجاگر ڪري ٿو جنهن کي پاڪستان مسلسل منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته عالمي سطح تي گرين هائوس گئسن جي مجموعي اخراج ۾ پاڪستن جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، انهن تجربن آفتن جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳواٽ قدمن، ٽيڪنالاجي تي ٻڌل حل ۽ جامع حڪمت عملي تي ڌيان ڏيڻ جي اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. هن چيو ته قومي آفتن جي خاتمي بابت قومي حڪمت عملي 2030 – 2025ع جي رهنمائي ۾ پاڪستان حڪومت گهڻ رخي خطرن کي منهن ڏيڻ جو طريقيڪار اختيار ڪيو آهي جنهن ۾ قومي ۽ ذيلي قومي سطح تي روڪٿام، تياري ۽ لچڪ پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي، ان سلسلي ۾ مضبوط نظامن جي قيام ۽ آفتن جي اثرن کان متاثر ماڻهن جي ضرورتن موجب ردعمل ڏيندڙ سماجي تحفظ جا قدم متعارف ڪرائڻ سميت ٺوس قدم کنيا پيا وڃن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي جي لاءِ سينڊائي فريم ورڪ (2030 – 2015ع) سان هم آهنگ اسان جي پاليسين ۾ وقت کان اڳ آگاهي وارن نظامن کي مضبوط بڻائڻ، ترقياتي منصوبابندي ۾ خطرن جي خاتمي کي شامل ڪرڻ ۽ اڀرندڙ خطرن جي بهتر اڳڪٿي ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جدت ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ کي ترجيح ڏني وئي آهي. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته اسرندڙ ملڪن کي موسمياتي تبديلي جي تيزي سان وڌندڙ اثرن ۾ گهٽتئاي آڻڻ ۽ انهن سان هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ تعاون، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ مالي معاونت جي طريقيڪار کي مضبوط بڻايو وڃي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان هڪ وڌيڪ محفوظ، آفتن جي مقابلي ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ پائيدار دنيا جي تعمير جي لاءِ پنهنجي گڏيل ذميواري جي ورجاءُ ۾ سمورن ملڪن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.

مزید خبریں