نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران صوبن جي طلب موجب ڪڻڪ جي درآمد جي انتظامن تي اطمينان جو اظهار

اسلام آباد - 13 آڪٽوبر (اي پي پي)  نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار صوبن جي طلب موجب ڪڻڪ جي درآمد جي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪڻڪ جي پهرين کيپ هلندڙ مهيني جي پڄاڻي کان اڳ ڪراچي پهچي ويندي. اڱاري ڏينهن نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ غذائي …

اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي)  نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار صوبن جي طلب موجب ڪڻڪ جي درآمد جي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪڻڪ جي پهرين کيپ هلندڙ مهيني جي پڄاڻي کان اڳ ڪراچي پهچي ويندي. اڱاري ڏينهن نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ غذائي سال 27 – 2026ع جي لاءِ ڪڻڪ درآمد ڪرڻ بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جو ستون اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪڻڪ جي درآمد تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته صوبن جي طلب موجب ڪڻڪ جي وڌيڪ فراهمي جا انتظام ڪيا ويا آهن ۽ ڪڻڪ جي پهرين کيپ هلندڙ مهيني جي پڄاڻي کان اڳ ڪراچي پهچڻ جو شيڊيول آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته درآمد ٿيل ڪڻڪ جا ذخيرا ۽ پاسڪو پاران صوبن کي اڳ ۾ ئي مختص ڪيل ڪڻڪ کي قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ته جيئن صارفين کي ريليف فراهم ڪري سگهجي. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير، واپار واري واري وفاقي وزير، خاص معاون طارق باجوه، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي سيڪريٽري، لاڳاپيل صوبائي سيڪريٽرين ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئي.

مزید خبریں