سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي پروفيسر، مُلڪ جي پاڻي ۽ زرعي معاملن جي ناليواري ماهر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر کي ازبڪستان جي يونيورسٽي پاران اعزازي پروفيسر جي خطاب سان نوازيو ويو

ٽنڊوڄام/اسلام آباد-13 آڪٽوبر(اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي پروفيسر، مُلڪ جي پاڻي ۽ زرعي معاملن جي ناليواري ماهر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر کي ازبڪستان جي يونيورسٽي آف اڪنامڪس اينڊ پيڊاگوجيءَ، ڪارشي پاران اعزازي پروفيسر جي خطاب سان نوازيو ويو آهي. ازبڪستان جي شهر ڪارشي ۾ منعقد ٿيل عالمي سائنسي ۽ علمي ڪانفرنس دوران ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر کي اهو اعزاز زرعي تدريس، تحقيق، پائيدار سماجي ترقي ۽ موسمياتي …

ٽنڊوڄام/اسلام آباد-13 آڪٽوبر(اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي پروفيسر، مُلڪ جي پاڻي ۽ زرعي معاملن جي ناليواري ماهر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر کي ازبڪستان جي يونيورسٽي آف اڪنامڪس اينڊ پيڊاگوجيءَ، ڪارشي پاران اعزازي پروفيسر جي خطاب سان نوازيو ويو آهي. ازبڪستان جي شهر ڪارشي ۾ منعقد ٿيل عالمي سائنسي ۽ علمي ڪانفرنس دوران ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر کي اهو اعزاز زرعي تدريس، تحقيق، پائيدار سماجي ترقي ۽ موسمياتي تبديلين سان ٺھڪندڙ زراعت جي واڌاري لاءِ سندس خدمتن جي مڃتا طور ڏنو ويو، ان موقعي تي ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر کي اعزازي پروفيسر جو سرٽيفڪيٽ، علمي اعزازي گائون ۽ يادگاري نشان پڻ پيش ڪيا ويا، ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر هِن وقت ازبڪستان ۾ آهي، جٿي هُن يونيورسٽي آف اڪنامڪس اينڊ پيڊاگوجي، ڪارشي ۾ منعقد ٿيل عالمي ڪانفرنس ”سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جا موجوده مسئلا“ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ مختلف ملڪن جي تعليمي ماهرن، محققن ۽ عالمي وفدن شرڪت ڪئي.

اعزاز ملڻ کانپوءِ اي پي پي سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته عالمي ڪانفرنس ۾ اعزاز ملڻ منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي هِن چيو ته اها اسان جي ڪاميابي آهي جو اسان جي ڪم کي عالمي سطح تي ساراهيو وڃي ٿو ۽ ان کي اهميت ڏني وڃي ٿي، هِن چيو ته منهنجي ڪم کي ازبڪستان ۾ مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪري ساگردن تائين پهچايو پيو وڃي، هِن چيو ته اڄزرعي يونيورسٽي جو نالو عالمي سطح تي چمڪي رهيو آهي، هِن چيو ته جٿي ميرٽ هُوندي آهي اُتي معياري ڪم جي ساراهه به ٿيندي آهي ۽ ان کي اعزاز سان نوازيو به ويندو آهي ۽ منهنجي لاءِ هيءَ اعزاز وڏي معنيٰ رکي ٿو، هِن چيو ته پاڪستان مان آئُون اڪيلو آهيان جنهن کي ان اعزاز سان نوازيو ويو آهي. جڏهن ته سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال، ڊاڪٽر ڪنڀر کي عالمي اعزاز ملڻ تي مبارڪباد ڏيندي ان کي سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ لاءِ فخر جوڳو اعزاز قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ملڪ جو اهم قومي زرعي تدريسي ادارو آهي ۽ جنھن جي استادن ۽ شاگردن جون عالمي سطح تي ڪاميابيون پاڪستان جي تعليمي ۽ تحقيقي ساک کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون، پروفيسر ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر کيس مليل اعزاز تي يونيورسٽي آف اڪنامڪس اينڊ پيڊاگوجيءَ جي انتظاميه ۽ تعليمي برادريءَ جا ٿورا مڃيندي چيو ته اهو اعزاز نه رڳو سندس ذاتي ڪاميابي پر پاڪستان، سنڌ ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام لاءِ پڻ فخر جو سبب آهي. هن پاڪستان، ازبڪستان ۽ ٻين ملڪن جي يونيورسٽين وچ ۾ علمي ۽ تحقيقي سهڪار وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن اميد ظاهر ڪئي ته هن اعزاز سان سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ ازبڪستان جي تعليمي ۽ تحقيقي ادارن وچ ۾ سهڪار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، جن سان گڏيل تحقيقي منصوبن، استادن ۽ شاگردن جي مٽاسٽا، عالمي ڪانفرنسن ۽ زرعي توڙي ٻهراڙيءَ جي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششن کي هٿي ملندي، واضح رهي ته پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر جو تعلق ضلعي بدين جي علائقي پنگريو سان آهي، هن پنهنجي علمي زندگي زرعي تعليم، زرعي توسيعي خدمتن، ٻهراڙيءَ جي آبادگارن ۽ برادرين جي ترقيءَ ۽ پائيدار ترقيءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي، ڊاڪٽر ڪنڀر جي عالمي سطح تي مڃتا، خاص طور زرعي ۽ ٻهراڙيءَ جي پسمنظر رکندڙ شاگردن ۽ نوجوان محققن لاءِ اتساهه جو سبب آهي، جڏهن ته سنڌ زرعي يونيورسٽي جي لاءِ پُڻ هڪ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي.

مزید خبریں