لاڙڪاڻو- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) صوبائي محتسب آفيس لاڙڪاڻو ريجن جي ڪنسلٽنٽ سيد شڪيل حيدر چيو آهي ته ڪم وارين جاين تي عورتن کي بهتر ماحول فراهم ڪرڻ ۽ کين هراسمينٽ کان بچائڻ لاءِ هر اداري کي قدم کڻڻا پوندا، ان لاءِ سمورن ادارن کي عورتن جي تحفظ لاءِ ڪم وارين جاين تي 2010ع جي ايڪٽ چار تحت انڪوائري ڪميٽيون قائم ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيگم …
ڪم وارين جاين تي عورتن کي بهتر ماحول فراهم ڪرڻ ۽ کين هراسمينٽ کان بچائڻ لاءِ هر اداري کي قدم کڻڻا پوندا: سيد شڪيل حيدر
لاڙڪاڻو- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) صوبائي محتسب آفيس لاڙڪاڻو ريجن جي ڪنسلٽنٽ سيد شڪيل حيدر چيو آهي ته ڪم وارين جاين تي عورتن کي بهتر ماحول فراهم ڪرڻ ۽ کين هراسمينٽ کان بچائڻ لاءِ هر اداري کي قدم کڻڻا پوندا، ان لاءِ سمورن ادارن کي عورتن جي تحفظ لاءِ ڪم وارين جاين تي 2010ع جي ايڪٽ چار تحت انڪوائري ڪميٽيون قائم ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيگم نصرت ڀٽو گرلز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ڪوٺايل آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيد شڪيل حيدر چيو ته عورتن سان ٿيندڙ نا مناسب واقعن جي شڪايتن جي جاچ لاءِ ادارن اندر ٽن ميمبرن تي ٻڌل انڪوائري ڪميٽي جوڙي وڃي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گھٽ هڪ عورت هجڻ گهرجي. اها ڪميٽي 30 ڏينهن اندر شڪايتن کي اُڪلائڻ جي پابند هوندي ۽ 7 ڏينهن اندر سفارشون تيار ڪندي. ڪميٽيز کي سول ڪورٽ جهڙا اختيار هوندا ۽ اها شڪايتن جي جاچ ڪري ذميوارن کي سزا ڏئي سگهي ٿي. ان کانسواءِ عورتون پنهنجون شڪايتون صوبائي ۽ وفاقي محتسب آفيسن ڏانهن به موڪلي سگهن ٿيپن، جن تحت به ڪارروائي ٿي سگهي ٿي. ان موقعي ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر شاهده پروين سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته عورتن کي هراسمينٽ جو شڪار بڻائيندڙن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. ڪاليج جي ڪميٽي اهڙين شڪايتن جي جاچ ڪري متاثر ملازمن خاص ڪري عورتن کي تڪڙو انصاف فراهم ڪندي. سيمينار ۾ ڪاليج جي استادن، نان ٽيچنگ عملي ۽ شاگردياڻين پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سوالن جوابن جو سيشن پڻ ٿيو. ان موقعي تي انفارميشن آفيسر لاڙڪاڻو معراج احمد سامٽيو، محتسب جي ڪنسلٽنٽ جا مددگار منصور علي منگي ۽ عبدالسميع سومرو پڻ موجود هئا.











