آءِ ايم ايف 2026ع لاءِ عالمي اقتصادي ترقي جو ڪاٿو وڌائي 3.1 سيڪڙو ڪري ڇڏيو

واشنگٽن- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پنهنجي تازي ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لُڪ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ 2026ع لاءِ عالمي اقتصادي ترقي جو ڪاٿو وڌائي 3.1 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو جولاءِ ۾ جاري ڪيل ڪاٿي کان 0.1 سيڪڙو وڌيڪ آهي. آءِ ايم ايف مطابق مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ تيزي سان ڪجهه معيشتن کي ترقي جي رفتار …

واشنگٽن- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پنهنجي تازي ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لُڪ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ 2026ع لاءِ عالمي اقتصادي ترقي جو ڪاٿو وڌائي 3.1 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو جولاءِ ۾ جاري ڪيل ڪاٿي کان 0.1 سيڪڙو وڌيڪ آهي. آءِ ايم ايف مطابق مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ تيزي سان ڪجهه معيشتن کي ترقي جي رفتار برقرار رکڻ ۾ مدد ملي آهي، جنهن سان وچ اوڀر جي تڪرار سبب ٻين معيشتن تي پوندڙ ناڪاري اثرن جي ڪنهن حد تائين تلافي ٿي آهي.

مزید خبریں