ملتان ڊويزن ۾ شير شاهه ريلوي اسٽيشن ويجهو رحمان بابا ايڪسپريس جون 14 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، 4 ڄڻا فوت، 30 کان وڌيڪ زخمي

ملتان- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪراچي کان پشاور ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس جون ملتان ڊويزن ۾ شير شاهه ريلوي اسٽيشن ويجهو 14 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 30 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. ريسڪيو1122 جون ٽيمون حادثي واري هنڌ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف رهيون. امدادي اهلڪارن مسافرن کي ريل گاڏي مان ٻاهر ڪڍيو ۽ زخمين کي شروعاتي طبي امداد …

ملتان- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪراچي کان پشاور ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس جون ملتان ڊويزن ۾ شير شاهه ريلوي اسٽيشن ويجهو 14 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 30 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. ريسڪيو1122 جون ٽيمون حادثي واري هنڌ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف رهيون. امدادي اهلڪارن مسافرن کي ريل گاڏي مان ٻاهر ڪڍيو ۽ زخمين کي شروعاتي طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد اسپتال منتقل ڪيو. حادثي بعد امدادي ڪاررواين جي معاونت لاءِ ملتان مان رليف ٽرين ۽ ميڊيڪل وين رواني ڪئي وئي. جڏهن ته ريلوي جي اپ ۽ ڊائون ٻنهي ٽريڪس تي ريل گاڏين جي آمد ورفت معطل ڪئي وئي آهي. ملتان ڊويزن جي انتظاميا به حادثي واري هنڌ تي امدادي سرگرمين جي نگراني ڪئي.

مزید خبریں