اسلام آباد - 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملتان ۾ رحمان بابا ايڪسپريس ريل جي حادثي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئرن سان دلي افسوس جو اظهار ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم رحمان بابا ايڪسپريس ريل …
وزيراعظم پاران رحمان بابا ايڪسپريس ريل جي حادثي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملتان ۾ رحمان بابا ايڪسپريس ريل جي حادثي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئرن سان دلي افسوس جو اظهار ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم رحمان بابا ايڪسپريس ريل جُون بوگيون پٽڙي تان لهڻ جي واقعي جو نوٽيس وٺندي زخمين کي فوري ۽ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته امدادي ڪارروايون تيز ڪيون وڃن ۽ زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪئي وڃي.











