اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلين سان لاڳاپيل خطرن ۾ اضافي کر نظر ۾ رکندي انهن خطرن ۾ گهٽتائي کي پنهنجي موسمياتي ۽ ترقياتي منصوبن جو حصو بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن ۾ آهيُون. اڱاري ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ 'ايڪس' تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ جو احتياط سڀاڻي جي تحفظ لاءِ ضروري آهي، قدرتي آفتن جي …
قدرتي آفتون هڪ ئي ڏينهن ۾ سالن جي ترقي کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلين سان لاڳاپيل خطرن ۾ اضافي کر نظر ۾ رکندي انهن خطرن ۾ گهٽتائي کي پنهنجي موسمياتي ۽ ترقياتي منصوبن جو حصو بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن ۾ آهيُون. اڱاري ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ‘ايڪس’ تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ جو احتياط سڀاڻي جي تحفظ لاءِ ضروري آهي، قدرتي آفتن جي خطري جي گهٽتائي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان پاڪستان ۾ محفوظ ۽ لچڪدار ڪميونٽيز جي تعمير جي عزم کي ورجايون ٿا. هن چيو ته قدرتي آفتون هڪ ئي ڏينهن ۾ سالن جي ترقي کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون، موسمياتي تبديلين سان لاڳاپيل خطرن ۾ اضافي کي نظر ۾ رکندي اسان خطرن ۾ گهٽتائي کي پنهنجي موسمياتي ۽ ترقياتي منصوبن جو حصو بڻائڻ ۽ انهن ماڻهن جي تحفظ جي لاءِ ڀائيواري کي مضبوط بڻائڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون جيڪي سڀ کان وڌيڪ خطرن جي گهيري ۾ آهن.








