ڪراچي - 12 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪوئيٽا ۾ پاڪ فوج جي تربيتي جهاز سان پيش آيل حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي حادثي ۾ شهيد ٿيل هوابازن جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته وطن جي دفاع ۽ …
سنڌ جي وڏي وزير پاران ڪوئيٽا ۾ پاڪ فوج جي تربيتي جهاز جي حادثي تي افسوس جو اظهار
ڪراچي – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪوئيٽا ۾ پاڪ فوج جي تربيتي جهاز سان پيش آيل حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي حادثي ۾ شهيد ٿيل هوابازن جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته وطن جي دفاع ۽ خدمت خاطر پائليٽن جون عظيم قربانيون ۽ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن کي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سوڳوار خاندانن کي هي ڏک برداشت ڪرڻ جي همت ۽ صبر عطا ڪري.











