سنڌ جي گورنر سان مذھبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف جي ملاقات

ڪراچي- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نھال ھاشمي سان مذھبي معاملن ۽ بين المذاھب ھم آھنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف گورنر ھائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گورنر ۽ وفاقي وزير وچ ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر حج انتظامن ۽ حج پانڌيئڙن کي سھولتن جي فراھمي لاءِ قدمن جي واکاڻ ڪئي. گورنر چيو تھ حج …

ڪراچي- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نھال ھاشمي سان مذھبي معاملن ۽ بين المذاھب ھم آھنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف گورنر ھائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گورنر ۽ وفاقي وزير وچ ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر حج انتظامن ۽ حج پانڌيئڙن کي سھولتن جي فراھمي لاءِ قدمن جي واکاڻ ڪئي. گورنر چيو تھ حج جي پانڌيئڙن کي بھترين سھولتن جي فراھمي قابل تحسين آھي. ملاقات ۾ گورنر ھائوس ۾ سيرت النبي صلي اللھ عليھ وسلم لائبريري جي قيام سميت مختلف معاملن تي ڳالھه ٻولهھ ۾ سيرت النبي صلي اللھ عليھ وسلم لائبريري وسيلي سيرتِ طيبھ کان آگاھي ۽ اسلامي تعليم کي زور وٺائڻ تي زور ڀريو ويو. سيد محمد نھال ھاشمي چيو تھ مذھبي تعليم کي زور وٺائڻ ۽ بين المذاھب ھم آھنگي لاءِ گڏيل ڪوششون ضروري آھن. ملاقات ۾ مذھبي معاملن ۽ سيرت النبي صلي الله عليھ وسلم جي پيغام کي عام ڪرڻ بابت معاملن تي بھ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

مزید خبریں