وزيراعظم پاران دانش آءِ ٽي پارڪ اسلام آباد کي ٽيڪنالاجي جو عالمي معيار جو مرڪز بڻائڻ جي هدايت

اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دانش آءِ ٽي پارڪ اسلام آباد کي ٽيڪنالاجي جو عالمي معيار جو مرڪز بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني نوجوانن کي آئي ٽي، مصنوعي ذهانت ۽ فن ٽيڪ جي شعبن ۾ جديد مهارتن جي فراهمي ۽ آءِ ٽي انٽرپرينيوئرز جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ جو سفر جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل …

اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دانش آءِ ٽي پارڪ اسلام آباد کي ٽيڪنالاجي جو عالمي معيار جو مرڪز بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني نوجوانن کي آئي ٽي، مصنوعي ذهانت ۽ فن ٽيڪ جي شعبن ۾ جديد مهارتن جي فراهمي ۽ آءِ ٽي انٽرپرينيوئرز جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ جو سفر جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ دانش آءِ ٽي پارڪ اسلام آباد جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته دانش آئي ٽي پارڪ کي اڪيڊميا ۽ صنعت جي موثر تعاون سان جديد آءِ ٽي ايڪو سسٽم جو مرڪز بڻايو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته دانش آءِ ٽي پارڪ ۾ عالمي ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي حصيداري سان آپريشنز شروع ڪيا وڃن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي وزارت دانش آءِ ٽي پارڪ اسلام آباد جي منصوبي جي جامع ڪيس اسٽڊي ڪري ۽ دانش آءِ ٽي پارڪ منصوبي جو ٽئين ڌُر کان آڊٽ پڻ ڪرايو وڃي. اجلاس کي آءِ ٽي برآمدات ۾ اضافي ۽ ان شعبي ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ لاءِ جامع ايڪو سسٽم جوڙڻ بابت بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ (پي ايس اِي بي) جي تحت 50 نجي عمارتن کي سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪس ۾ اپ گريڊ ڪيو ويو آهي ۽ ملڪ ۾ اسٽارٽ اپس جي مدد جي لاءِ 8 انڪيوبيشن سينٽر قائم ٿي چُڪا آهن، جڏهن ته آءِ ٽي پروفيشنلز کي سهولتن جي فراهمي لاءِ 105 ڪو ورڪنگ اسپيسز فعال آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته دانش آءِ ٽي پارڪ اسلام آباد ۾ آپريشنز لاءِ عالمي ٽيڪنالاجي ڪمپنين سان رابطا ڪيا پيا وڃن. اجلاس ۾ وفاقي وزير مصدق مسعود ملڪ، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں