ڪچي تيل جي وڌيل قيمتن باوجود هلندڙ مالي سال دوران ملڪي معيشت جي اوسر واري شرح 4 سيڪڙو کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڪچي تيل جي وڌيل قيمتن باوجود هلندڙ مالي سان دوران پاڪستان جي معيشت جي اوسر واري شرح 4 سيڪڙو کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ جي بينڪاڪ ۾ ٿيل سالياني اجلاس جي موقعي تي سومر ڏينهن عالمي ميڊيا کي هڪ ڏنل انٽرويو ۾ ناڻي واري وزير چيو …

اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڪچي تيل جي وڌيل قيمتن باوجود هلندڙ مالي سان دوران پاڪستان جي معيشت جي اوسر واري شرح 4 سيڪڙو کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ جي بينڪاڪ ۾ ٿيل سالياني اجلاس جي موقعي تي سومر ڏينهن عالمي ميڊيا کي هڪ ڏنل انٽرويو ۾ ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان پنهنجي ضرورتن مطابق ٻارڻ جو وڏي مقدار حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي، جنهن سبب ملڪ ۾ ٻارڻ جي کوٽ پيدا ناهي ٿي، زراعت جهڙا اهم شعبا به دٻاءُ باوجود بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، مون کي هاڻي پورو يقين آهي ته اسان 4 سيڪڙو کان وڌيڪ اوسر واري شرح حاصل ڪنداسين. هن چيو ته مهانگائي جي معاملي تي به حڪومت جي گهري نظر آهي ڇاڪاڻ ته جنسن جي قيمتن ۾ اضافي جا سڌيءَ ريت اثر پون ٿا. هن چيو ته پاڪستان گذريل هفتي آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح جو معاهدو ڪيو آهي، جنهن سان توسيعي فنڊ سهولت ۽ موسمياتي پروگرام تحت اٽڪل 1.21 ارب ڊالرن جي مالي معاونت جي راهه هموار ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان پرڏيهي مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخرين جي استحڪام لاءِ تجويز ڪيل 10 ارب ڊالرن جي سهولت لاءِ آمريڪا سان ڳالهيون جاري رکيون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن اها سهولت حاصل ٿئي ٿي ته اها اسان لاءِ تمام وڏي مدد ثابت ٿيندي. هن چيو ته جيڪڏهن اها سهولت نه به ملي ته ان سان پاڪستان جي عالمي مالياتي مارڪيٽ تائين پهچ متاثر نه ٿيندي ۽ نه ئي ان حوالي سان ڪو مسئلو پيدا ٿيندو. نجڪاري جو ذڪر ڪندي هن اميد جو اظهار ڪيو ته 5 يا 6 ادارن جا معاملا هلندڙ سال دوران مڪمل ٿي ويندا، انهن قدمن سان هڪ ارب ڊالرن کان وڌيڪ رقم حاصل ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته نجڪاري جي حوالي سان واضح آهيون، اسان چاهيون ٿا ته نجي شعبو ملڪ جي قيادت ڪري. حڪومت جو ڪردار اهڙو سازگار ماحول فراهم ڪرڻ آهي جنهن ۾ نجي شعبي کي هر ممڪن مدد ۽ سهولت فراهم ڪري سگهجي.

مزید خبریں