پيانگ يانگ- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) روس جي هنگامي معاملن وارو وزير اليگزينڊر ڪورينڪوف آفتن جي روڪٿام ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي شعبن ۾ تعاون تي ڳالهين لاءِ اتر ڪوريا پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي هنگامي معاملن واري وزارت ٻڌايو ته اليگزينڊر ڪورينڪوف پيانگ يانگ ۾ اتر ڪوريا جي ڪابينا جي وزيراعظم پاڪ ٿائي سونگ ۽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ بابت وزير ڪم چول نام سان ملاقات ڪندو. …
هنگامي معاملن بابت روسي وزير جو اتر ڪوريا جو پهريون دورو، آفتن کي منهن ڏيڻ ۾ سهڪار تي ڳالهيون ڪيون وينديون

مزید خبریں
پيانگ يانگ- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) روس جي هنگامي معاملن وارو وزير اليگزينڊر ڪورينڪوف آفتن جي روڪٿام ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي شعبن ۾ تعاون تي ڳالهين لاءِ اتر ڪوريا پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي هنگامي معاملن واري وزارت ٻڌايو ته اليگزينڊر ڪورينڪوف پيانگ يانگ ۾ اتر ڪوريا جي ڪابينا جي وزيراعظم پاڪ ٿائي سونگ ۽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ بابت وزير ڪم چول نام سان ملاقات ڪندو. دوري دوران روسي وزارت جا عملدار اتر ڪوريا جي لاڳاپيل عهديدارن سان گڏيل تعاون لاءِ ترجيحي شعبن تي ڳالهيون ڪندا. ٻنهي ملڪن جون وزارتون 2027ع کان 2029ع تائين جي عرصي لاءِ گڏيل لائحه عمل تي صحيحون ڪرڻ جو به ارادو رکن ٿيون. واضح رهي ته اتر ڪوريا جا اڳواڻ ان کان اڳ امدادي ۽ ريسڪيو خدمتن جي شعبي ۾ تعاون تي ڳالهين لاءِ ماسڪو جو دورو ڪندا رهيا آهن.










