وزيراعظم پاران اسلام آباد آئي ٽي پارڪ جو نالو "دانش آئي ٽي پارڪ” رکڻ جو اعلان

اسلام آباد- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد آئي ٽي پارڪ جو نالو "دانش آئي ٽي پارڪ" رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هي منصوبو پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ نيشنل ٽيڪنالاجي پارڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب …

اسلام آباد- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد آئي ٽي پارڪ جو نالو "دانش آئي ٽي پارڪ” رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هي منصوبو پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ نيشنل ٽيڪنالاجي پارڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، آئي ٽي جي وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير عطا تارڙ ۽ منصوبابندي جي وفاقي وزير احسن اقبال، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، پارليامينٽ ميمبرن، ڏکڻ ڪوريا جي سفير، ناليوارين آئي ٽي ڪمپنين جي سربراهن ۽ آئي ٽي ماهرن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هي جديد آئي ٽي پارڪ انڪيوبيشن سينٽرز، جدت، اسٽارٽ اپس، ننڍي ۽ وچولي ڪاروبار، صنعتن ۽ نوجوان ڪاروباري ماڻهن لاءِ موقعا فراهم ڪندو. ان سان مُلڪ جي هزارين نه پر لکين نوجوان مردن ۽ عورتن کي هُنر سکڻ ۽ بااختيار بڻجڻ جو موقعو ملندو، جڏهن ته اهي ئي مهارتُون پاڪستان کي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ڏينديُون.