پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سان سنڌ جي گورنر جي ملاقات

لاهور- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان سان سنڌ جي گورنر سيد نهال هاشمي ڇنڇر ڏينهن پنجاب اسيمبلي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال، قومي معاملن، جمهوري نظام جي تسلسل ۽ پارلياماني ادارن جي ڪردار سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عوامي مسئلن جو پائيدار حل با اختيار …

لاهور- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان سان سنڌ جي گورنر سيد نهال هاشمي ڇنڇر ڏينهن پنجاب اسيمبلي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال، قومي معاملن، جمهوري نظام جي تسلسل ۽ پارلياماني ادارن جي ڪردار سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عوامي مسئلن جو پائيدار حل با اختيار پارليامان ۽ مضبوط جمهوري ادارن سان واڳيل آهي، جڏهن ته قومي معاملن ۾ پارلياماني ادارن جو اثرائتو ڪردار، آئين جي بالادستي ۽ پارليامان جي خودمختياري اڻٽر آهي. هن چيو ته عوام کي اسيمبلي جي ڪارروائي ۽ قانون سازي جي عمل کان آگاهه رکڻ اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. صوبائي اسيمبلين وچ ۾ رابطن ۽ پارلياماني تجربن جي ڏي وٺ جمهوري نظام کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. سنڌ جي گورنر، پنجاب اسيمبلي جي قانون سازي جي عمل ۽ پارلياماني طريقيڪار کي تعريف جوڳو قرار ڏيندي چيو ته بين الصوبائي هم آهنگي ۽ جمهوري ادارن وچ ۾ تعاون سياسي استحڪام لاءِ اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته آئين ۽ قانون جي پاسداري ۽ عوامي ڀلائي کي ترجيح ڏيڻ اثرائتي عوامي نمائندگي جي تقاضا آهي. جمهوري ادارن وچ ۾ تعاون ۽ گڏيل رابطن کي هٿي ڏئي قومي ترقي ۽ سياسي استحڪام جا مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا. ملاقات ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ جو خاص مددگار راشد نصر الله، پنجاب اسيمبلي جو ميمبر رانا ارشد ۽ ٻيا موجود هئا.