اسلام آباد- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان عدالتي، اداره جاتي سڌارن تي ٻڌل جامع رپورٽ ”جرني ٿرو ريفارم اينڊ انوويشن 2026ع“ جاري ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۾ نومبر 2024ع کان سيپٽمبر 2026ع تائين جي عدالتي ۽ اداره جاتي سڌارن بابت ٻڌايو ويو آهي، رپورٽ ۾ عدالتي سڌارن، ڪيسن جي موثر انتظام ۽ التوا هيٺ ڪيسن ۾ گهٽتائي بابت اڳڀرائي کي به اجاگر ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ …
سپريم ڪورٽ جي عدالتي، اداره جاتي سڌارن تي ٻڌل جامع رپورٽ ”جرني ٿرو ريفارم اينڊ انوويشن 2026ع“ جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان عدالتي، اداره جاتي سڌارن تي ٻڌل جامع رپورٽ ”جرني ٿرو ريفارم اينڊ انوويشن 2026ع“ جاري ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۾ نومبر 2024ع کان سيپٽمبر 2026ع تائين جي عدالتي ۽ اداره جاتي سڌارن بابت ٻڌايو ويو آهي، رپورٽ ۾ عدالتي سڌارن، ڪيسن جي موثر انتظام ۽ التوا هيٺ ڪيسن ۾ گهٽتائي بابت اڳڀرائي کي به اجاگر ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ جي پبلڪ رليشنز واري شعبي پاران جاري پڌرائي مطابق رپورٽ ۾ ڊيجيٽل تبديلي، اداره جاتي احتساب ۽ انصاف تائين عوامي پهچ بهتر بڻائڻ جي قدمن جي تفصيل شامل آهي. جنهن مطابق 86 نڪاتي عدالتي سڌارن واري ايڪشن پلان تي عمل جي اڳڀرائي پيش ڪئي وئي آهي. عدالتي سڌارن تي عمل لاءِ منظم نگراني، خصوصي ورڪنگ گروپس ۽ باقاعده جائزي جي نظام بابت آگاهه ڪيو ويو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيسن جي فيصلن جي انگ ۾ نمايان اضافو ٿيو، پراڻن ۽ ڊگهي عرصي کان التوا هيٺ ڪيسن جي فيصلن تي خاص ڌيان ڏنو ويو جڏهن ته عدالتي ڪارڪردگي جي نگراني لاءِ ڊيٽا تي ٻڌل نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويو. اهڙي طرح سپريم ڪورٽ جي ڊيجيٽل خدمتن ۾ توسيع ۽ عدالتي طريقيڪار کي جديد بڻائڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي. قومي عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي تحت ملڪ گير عدالتي سڌارن تي اڳڀرائي کي به رپورٽ جو حصو بڻايو ويو آهي. ترجيحي ڪيسن جي مقرر مدي ۾ فيصلا ۽ ماڊل ٽرائل ڪورٽس جو قيام اهم سڌارن وارن قدمن ۾ شامل آهن جڏهن ته انصاف جي نظام ۾ مصنوعي ذهانت جي ذميوراڻي استعمال ۽ عدالتي تجزياتي نظام جي ترقي کي به رپورٽ ۾ اجاگر ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي رپورٽ ۾ سپريم ڪورٽ جي بين الاقوامي سهڪار ۾ توسيع ۽ اداره جاتي رابطن کي به اجاگر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته جرني ٿرو ريفارم اينڊ انويشن 2026ع عدالتي سڌارن جي اڳڀرائي ۽ ڪاميابين جو جامع اداره جاتي رڪارڊ آهي.









