اسلام آباد- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ذيابيطس جي روڪٿام لاءِ جامع ۽ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ذيابيطس جهڙي وڌندڙ صحت جي چيلنج کي منهن ڏيڻ لاءِ علاج سان گڏوگڏ بيماري جي روڪٿام تي خاص ڌيان ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، متوازن غذا، باقاعده جسماني سرگرمي ۽ زندگي جو صحتمند معمول اختيار ڪرڻ جي حوالي سان عوامي آگاهي کي …
وزيراعظم شهباز شريف سان ذيابيطس جي عالمي ۽ قومي طبي ماهرن جي ملاقات، بيماري جي روڪٿام لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ذيابيطس جي روڪٿام لاءِ جامع ۽ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ذيابيطس جهڙي وڌندڙ صحت جي چيلنج کي منهن ڏيڻ لاءِ علاج سان گڏوگڏ بيماري جي روڪٿام تي خاص ڌيان ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، متوازن غذا، باقاعده جسماني سرگرمي ۽ زندگي جو صحتمند معمول اختيار ڪرڻ جي حوالي سان عوامي آگاهي کي قومي سطح تي هٿي ڏني وڃي. ڇنڇر تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف ذيابيطس جي عالمي ۽ قومي ماهرن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ عالمي اينڊوڪرائنولاجي سوسائٽي جو صدر ڊاڪٽر سيد عباس رضا جي قيادت ۾ مختلف ملڪن جا طبي ماهر شامل هئا، ملاقات ۾ وفاقي وزير احد خان چيما، سيد مصطفيٰ ڪمال، صحت بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار برٿ ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته نوجوانن خاص طور تي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن ۾ صحتمند طرز زندگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن، ٽيلي ويزن، ريڊيو، ڊيجيٽل پليٽ فارمز ۽ ٻي ميڊيا ذريعي ذيابيطس کان بچاءُ، وقت سر سڃاڻپ ۽ صحتمند طرز زندگي بابت معلومات عام ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته ذيابيطس جي روڪٿام لاءِ قومي ترجيحن مطابق واضح پاليسي ۽ عمل جوڳي منصوبه بندي اڻٽر آهي، ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارا تحقيق، آگاهي ۽ احتياطي تدبيرن جي حوالي سان مربوط حڪمت عملي جوڙن. هن چيو ته ذيابيطس جي وڌندڙ چيلنج کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي ۽ عالمي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي، بين الاقوامي تجربن، تحقيق ۽ بهترين عملي طريقن مان فائدو حاصل ڪندي ملڪ ۾ بيماري جي روڪٿام جي قدمن کي موثر بڻايو وڃي. طبي ماهرن جو وفد پاڪستان ۾ اينڊوڪرائنولاجي سيمينار ۾ شرڪت لاءِ موجود آهي، وفد ذيابيطس ۽ ٻين بيمارين جي روڪٿام جي حوالي سان تازن قدمن ۽ پاليسي لاڳو ڪرڻ کي ساراهيو، وفد ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستان ۾ شوگر جي بيماري جي روڪٿام ۽ عوام لاءِ آگاهي مهم ۾ سهڪار جي عزم جو اظهار ڪيو. وفد چيو ته پاڪستان جا طبي ماهر سڄي دنيا ۾ شوگر ۽ ٻين بيمارين جي علاج ۽ روڪٿام لاءِ انتهائي اهم خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن.









