پولٽري جي شعبي جي حوالي سان درپيش مسئلن جي حل لاءِ مقامي سطح تي قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد/ لاهور- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ايڪسپو منعقد ڪرڻ سان ڪاروبار ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ بهتري ايندي، پاڪستان دنيا ۾ پولٽري جي پيداوار جي حوالي سان 11 هون وڏو ملڪ آهي، پولٽري جي شعبي جي حوالي سان درپيش مسئلن جي حل لاءِ مقامي سطح تي قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر …

اسلام آباد/ لاهور- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ايڪسپو منعقد ڪرڻ سان ڪاروبار ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ بهتري ايندي، پاڪستان دنيا ۾ پولٽري جي پيداوار جي حوالي سان 11 هون وڏو ملڪ آهي، پولٽري جي شعبي جي حوالي سان درپيش مسئلن جي حل لاءِ مقامي سطح تي قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن لاهور ۾ منعقد انٽرنيشنل پولٽري ايڪسپو 2026ع جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ايڪسپو ۾ 200 کان وڌيڪ اسٽالز لڳايا ويا آهن، جن ۾ ڪاروباري برادري گهري دلچسپي جو مظاهرو ڪري رهي آهي. هن چيو ته پولٽري جي پيداوار جي حوالي سان پاڪستان دنيا جو 11 هون وڏو ملڪ آهي ۽ ان شعبي سان 15 لک خاندان واڳيل آهن، پولٽري جي شعبي جي پيداوار ۾ 2.5 ارب ڪلوگرام گوشت ۽ 28 ملين کان وڌيڪ بيضا شامل آهن. هن چيو ته پولٽري جو شعبو ٻهراڙي علائقن ۾ روزگار جي فراهمي ۾ اهم ڪردار سان گڏوگڏ پروٽين جي دستيابي کي به يقيني بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته وچ ۽ ڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ گوشت جي روانگي واپار ۾ پولٽري جي گوشت جي شرح گهٽ آهي ۽ پولٽري جي قومي روانگي واپار جو ڪاٿو 4 ملين ڊالر کان وڌيڪ ناهي. هن چيو ته پولٽري جو شعبو ملڪ جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پولٽري جي صنعت پاڪستان جي معيشت ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ اهميت رکندڙ آهي. وفاقي وزير چيو ته پولٽري جي شعبي ۾ سيڙپڪاري سان معاشي سرگرمين کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي. هن چيو ته زرعي معيشت جي ترقي لاءِ لائيو اسٽاڪ ۽ پولٽري جي شعبن کي مضبوط بڻائڻ ضروري آهي. هن چيو ته پولٽري جي صنعت ۾ جديد ٽيڪنالاجيز جي استعمال سان پيداوار ۾ اضافو يقيني بڻائي سگهجي ٿو. هن چيوته پولٽري جي شعبي جي ترقي لاءِ نجي شعبي جو ڪردار اهم آهي. ناڻي واري وزير چيو ته غذائي تحفظ لاءِ مرغيءَ جي گوشت ۽ بيضن جي فراهمي اڻٽر آهي. هن چيو ته حڪومت معيشت جي مختلف شعبن ۾ ترقي ۽ سيڙپڪاري جي فروغ تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ پولٽري جي صنعت جي مسئلن جي حل لاءِ مقامي سطح تي قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي.