محسن نقوي ۽ طلال چوڌري جو مارگله روڊ جي موٽروي تائين واڌ ۽ سنگجاڻي انٽرچينج پراجيڪٽس جو دورو

اسلام آباد- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري مارگله روڊ جي موٽروي تائين واڌ ۽ سنگجاني انٽرچينج پراجيڪٽس جو دورو ڪيو، وفاقي وزير ٻنهي منصوبن تي جاري ترقياتي ڪمن جو تفصيلي جائزو ورتو. گهرو وزارت مطابق ان موقعي تي ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان اسلام آباد جي شهرين کي موٽروي تائين …

اسلام آباد- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري مارگله روڊ جي موٽروي تائين واڌ ۽ سنگجاني انٽرچينج پراجيڪٽس جو دورو ڪيو، وفاقي وزير ٻنهي منصوبن تي جاري ترقياتي ڪمن جو تفصيلي جائزو ورتو. گهرو وزارت مطابق ان موقعي تي ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان اسلام آباد جي شهرين کي موٽروي تائين اچ وڃ جو متبادل رستو ملندو. هن منصوبن تي ڊبل شفٽ ۾ ڪم جاري رکڻ ۽ ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته منصوبن تي ڪم هر صورت 31 ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو وڃي. محسن نقوي، ڊپٽي ڪمشنر کي هڪ هفتي اندر حد دخليون ختم ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي ۽ چيو ته منصوبن جي مڪمل ٿيڻ ۾ موجود رڪاوٽون فوري ختم ڪيون وڃن. سي ڊي اي عملدارن وفاقي وزير کي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ۾ ٻڌايو ته مارگله روڊ کان سنگجاني انٽرچينج منصوبي جي مجموعي ڊيگهه 2.7 ڪلوميٽر آهي، منصوبي ۾ هڪ انڊر پاس ۽ هڪ انٽرچينج شامل آهي. ان موقعي تي سي ڊي اي چيئرمين، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار به موجود هئا.