جيڪب آباد پوليس جون ڏوهارين خلاف ڪارروائيون جاري، 2 جوابدار گرفتار

لاڙڪاڻو- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) جيڪب آباد پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائين جي مهم جاري رکندي ٻه الڳ الڳ ڪامياب ڪارروائيون ڪيون. تفصيل مطابق پھرين ڪارروائي دوران ڪارو ڪاري جي ڪيس ۾ ملوث هڪ اشتهاري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ٻئي واقعي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلي بعد هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ هٿيار سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس ترجمان موجب ايس ايس پي …

لاڙڪاڻو- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) جيڪب آباد پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائين جي مهم جاري رکندي ٻه الڳ الڳ ڪامياب ڪارروائيون ڪيون. تفصيل مطابق پھرين ڪارروائي دوران ڪارو ڪاري جي ڪيس ۾ ملوث هڪ اشتهاري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ٻئي واقعي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلي بعد هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ هٿيار سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس ترجمان موجب ايس ايس پي جيڪب آباد ڪيپٽن (ر) فيضان علي جي روپوش ۽ اشتهاري جوابدارن جي گرفتاري بابت سخت ھدايتن تي ايس ايڇ او ٿاڻو ڳڙهي خيرو ايس آءِ پي طالب حسين ميمڻ پوليس اسٽاف سان گڏ ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڪارو ڪاري جي ڪيس ۾ ملوث اشتهاري جوابدار غلام رسول ولد غلام اڪبر عمراڻي کي ڳڙهي خيرو باءِ پاس ڀرسان گرفتار ڪري ورتو، جنهن خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي آهي. ٻئي طرف آباد ٿاڻي جي حد سرڪاري واهه ڀرسان پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ پوليس مقابلي دوران هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، زخمي حالت گرفتار جوابدار جي قبضي مان غير قانوني هٿيار هٿ ڪيو ويو. زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار جي سڃاڻپ گل حسن عرف گلو ولد فوجدار ڪلهوڙو، رهواسي ڳوٺ آدم خان پاور جي نالي سان ٿي آهي. گرفتار جوابدار جي قبضي مان پسٽل هٿ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار جا 03 ٻيا ساٿي موقعي تان فرار ٿي ويا، جن جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران ڇاپا هنيا پيا وڃن. گرفتار جوابدار کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪرڻ تي ٿاڻي آباد ۾ داخل 04 ڪيس پڻ سامهون آيا آهن، جن حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي.